يو سي 8 عزت جي وانڍ (انگريزي: U C 8 Izat ji Wandh) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي رتوديرو جي يو سي 8 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 5,487آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. اھو ڳوٺ نئون ديرو جي اوڀر طرف درياء سنڌ جي ڀرسان واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ناريجا، ڏاھاڻي، لاشاري، ڦلپوٽا، سيد، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ عزت جي وانڍ، ، ڳوٺ الله ڏنو ڏاھاڻي، ڳوٺ ڦلپوٽا، ڳوٺ خدابخش ڦلپوٽو، ديھ نورپور (آبادي 696) , ديھ ڦلپوٽا (آبادي 4,735)، ديھ شريف پور ( آبادي 56 ) ۽ ٻيا شامل آهن.

عزت جي وانڍ
يو سي 8 عزت جي وانڍ
يونين ڪاؤنسل
رتوديرو تعلقي جي يو سي 8
عزت جي وانڍ is located in سنڌ
عزت جي وانڍ
عزت جي وانڍ
عزت جي وانڍ is located in Pakistan
عزت جي وانڍ
عزت جي وانڍ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°40′50″N 68°24′09″E / 27.68056°N 68.40250°E / 27.68056; 68.40250مڪانيت: 27°40′50″N 68°24′09″E / 27.68056°N 68.40250°E / 27.68056; 68.40250
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو رتوديرو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 5,487

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين لياقت علي ناريجو ۽ وائيس چيئرمين گلشاد ڦلپوٽو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م شاھ جو ڳوٺ جو سيد عبدالحي شاھ راشدي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/