عرق ڪنھن بہ شيءِ کي چڪائي ٻاڦ حاصل ڪري ٺارجي تہ پاڻيءَ جھڙو دوا جي اثر موجب خوشبودار ٿي بيھندو.

خاصيت: سؤنفن، ڪانول پيرن، ۽ ڪاسنيءَ جو عرق صفراوي، گرم تپن ۽ اُلٽين کي فائدو ڪري ٿو. وائي باديءَ کي تحليل ڪري ۽ هاضمو پيدا ڪري ٿو.[1]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌي.