جبل عرفات : (انگريزي: Mount Arfat ) مڪي جي اوڀر طرف 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي عرفات جي ميدان تي واقع ھڪ گرينائيٽ جو جبل آھي جيڪو حج جي پاڪ مقامن مان ھڪ آھي جنھن تي بيھي حضرت محمد صه پنھنجو حج وارو آخري خطو ڏنو ھيو. اسلامي روايتن مطابق ھن جبل تي جنت نيڪالي کان پوءِ آدم ۽ حوا ٻيھر مليا ھيا ۽ کين جبرائيل حج ڪرڻ سيکاريو ھو.دنيا جي مسلمان ملڪن مان ملين جي تعداد ۾ مسلمان هت حج ادا ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن.[1]

جبل عرفات جو منظر

حوالا سنواريو

  1. "Muslim Hajj Pilgrims Ascend Mount Arafat for Day of Worship". NBC 7 San Diego. حاصل ڪيل 2020-01-23.