عدم تشدد
عدم تشدد: اھنسا: نان وائلنس:Nonviolence:
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/d/d1/Portrait_Gandhi.jpg/220px-Portrait_Gandhi.jpg)
مھاتما گانڌي جو چوڻ آهي تہ:”هنسا، لفظ جي اکري معنيٰ آهي ”هڻڻ يا ايذاءُ رسائڻ،“ پر رڳو ڪنهن کي ڌڪ هڻڻ هنسا نه آهي. ڪنهن سان ڪو ڊوهه ڪرڻ به هنسا آهي. مطلب ته منين، وچنين ۽ ڪرمين يعني من يا دل سان، وائيءَ يا زبان سان ۽ ڪنهن ڪرم (فعل يا هلت) ڪري، ڪنهن کي ڪو ايذاءُ يا نقصان رسائڻ – تنهن کي ”نسا، چئبو آهي. مهاڀارت جي انوشاسن پرو جي اڌياءَ تيرهين ۾ ڏهن قسمن جا دوش يا پاپ ڄاڻايل آهن، جن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
ٽي دوش ڪايا يا سرير جا – ٻئي کي خون ڪرڻ يا ڪوبه ايذاءُ رسائڻ، کوٽي رستي ڌن حاصل ڪرڻ يا وڃائڻ، ۽ پرائي زال سان سنجوڳ ڪرڻ (شلوڪ 3).
چار دوش واڻيءَ جا – گندي گفتگو ڪرڻ، شوخ پوڻ، گلا ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ (شلوڪ 4).
ٽي دوش من جا ڏ پرائو مال يا پرائي زال تڪڻ، ٻئي کي نقصان پهچائڻ جا گهاٽ گهڙڻ ۽ ٻيا اجوڳ ويچار ڪرڻ ۽ ويدن ۾ نسچو نه ڌارڻ وغيره.
اهي دوش (ڏوهه) ڪرڻ آهي ”هنسا“، ۽ انهن کان پاسو ڪرڻ آهي ”اهنسا“[1]
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/bc/Bundesarchiv_B_145_Bild-F065187-0014%2C_Bonn%2C_Pressekonferenz_der_Gr%C3%BCnen%2C_Bundestagswahl.jpg/220px-Bundesarchiv_B_145_Bild-F065187-0014%2C_Bonn%2C_Pressekonferenz_der_Gr%C3%BCnen%2C_Bundestagswahl.jpg)
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/81/Martin_Luther_King_-_March_on_Washington.jpg/220px-Martin_Luther_King_-_March_on_Washington.jpg)
حوالا
سنواريو- ↑ {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page28.html. Missing or empty
|title=
(مدد)