عددي عڪس يا ڊجيٽل عڪس(انگريزي: Digital Image ) ھڪ قسم جي تصور کي چوندا آهن جيڪا تصويري جزن يا پڪسيل جي ٺھيل ھوندي آھي جيڪي ان تصوير ۾ يڪسان روشن ٽٻڪا ھوندا آھن. ان تصوير ۾ ھر تصويري جزو يا روشن ٽٻڪو قدرتي انگ ذريعي, مجرد مقدارن جي شدت يا اڇي ڪاري وچ واري رنگت (grey level) جي عددي نمائندگي سان، x ۽ y سان ظاھر ڪري ترتيبوار x جي دائري ۽ y جي دائري ذريعي متناسق نظام ۾ داخل ڪرڻ بعد ڪمپيوٽر پروگرام جي ٻہ پاسائين فنڪشن ذريعي ظاھر ڪيو ويندو آهي[1]. ڊجيٽل عڪس عام طور تي ويڪٽر سان نہ پر ريسٽر سان تعلق رکي ٿو ۽ ڊجيٽل عڪس ريسٽر تصوير يا وري بٽ مئپ واري تصوير ھوندو آھي. ڊجيٽل تصويرون اڪثر ڊجيٽل ڪيميرا يا ڪنهن ٻي ڊجيٽل اوزار ذريعي ڇڪيون وينديون آھن ۽ عددن يعني اعداد يا انگن جي صورت ۾ ڪنهن عددي سنڀار (digital memory) ۾ محفوظ ڪيون وينديون آهن.

ڊجيٽل عڪس

حوالا سنواريو

  1. Gonzalez, Rafael (2018). Digital image processing. New York, NY: Pearson. ISBN 978-0-13-335672-4. OCLC 966609831.