عبدالحفيظ لغاري


ڊاڪٽرعبدالحفيظ لغاري، 22 جولاءِ 1982ع تي ضلعي بدين جي شهر ملڪاڻي سان تعلق رکندڙ حاجي علي نواز لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو جيڪو ان وقت سعودي عرب ۾ مڪي ۽ طائف وچ ۾ شداد واديءَ ۾ هڪ مشهور پولٽري ڪمپني فقيه ۾ ملازم هو. ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ڪيمسٽري ۾ پي ايڇ ڊي آهي ۽ پاڻ 2008ع کان منسٽري آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ادري پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽفڪ اينڊ انڊسٽريل رسرچ ۾ سينيئر سائنٽيفڪ آفيسر طور ملازم آهي. پاڻ هڪ محقق سان گڏ علمي ادبي ذوق پڻ رکي ٿو. اداري ۾ پڻ مختلف ٽاپڪس تي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو.[1] ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر عبدالحفيظ سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي فورم سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جو منتظم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻين وڏي ٽيڪسٽ بيس لائبرري سنڌسلامت ڪتاب گھر جو نگران پڻ آهي.

ڊاڪٽرعبدالحفيظ لغاري
پيدائش عبدالحفيظ
جُولاءِ 22 1982(1982-07-22)ع
ملڪاڻي، بدين، سنڌ، پاڪستان
ٻولي سنڌي
تعليم ڪيميسٽري ۾ پي.ايڇ.ڊي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
مُکيه ڪم ”گريجوئيٽس جون گھُرجون“ (ڪتاب)
ويبسائيٽ
www.sindhsalamat.com

تعليم سنواريو

عبدالحفيظ پرائمري تعليم جا ٽي سال سعودي عرب ۾ پاڪستان ايمبيسي اسڪول ۾ پاس ڪري باقي ٻه سال گورنمنٽ هاءِ اسڪول ولي محمد ملڪاڻيءَ ۾ پڙهيا[2]. ان کان پوءِ ساڳي ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ ڏهه درجا پاس ڪيا. ان کان پوءِ انٽر جي تعليم بدين شهر ۾ آرمي جي ڪئنٽ ۾ (ان وقت) آرمي پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج ۾ حاصل ڪئي. 2000ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيمسٽريءَ ۾ بي ايس سي آنرز ۽ آرگينڪ ڪيمسٽريءَ ۾ ماسٽرز فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ 2005ع ۾ ڪئي. ان کان پوءِ 2006ع ۾ ايم فل ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس ان اينا لائٽيڪل ڪيمسٽريءَ ۾ شروع ڪئي جيڪا 2013ع ۾ مڪمل ٿي.

ملازمتون سنواريو

ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاريءَ 2005ع کان 2006ع ۾ سنڌ اقرا پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج ۾ بطور سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ڪم ڪيو. ان کان پوءِ ايم فل جي پڙهائي دوران جنوري 2008ع ۾ منسٽري آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ادري پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽفڪ اينڊ انڊسٽريل رسچرچ ۾ بطور سائنٽيفڪ آفيسر گريڊ 17 جي نوڪري ملي. جنهن ۾ مئي 2013ع تي ترق ٿي ۽ گريڊ 18 ۾ سينيئر سائنٽيفڪ آفيسر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو

ادبي سفر سنواريو

ادبي سفر جي شروعات سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي گل ڦل ۽ عبرت مئگزين جي ٻاراڻي مئگزين ارچڪ مرچڪ ۾ لکڻ سان ڪئي. ان کان پوءِ اردو جي رسالي ذهين ۾ مسلسل لکيو. ڪاوش پاران نڪرندڙ ڊائجسٽ هالار ۽ سنڌ رنگ ۾ پڻ لکيو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام سڳنڌ ۾ پڻ لکيو. هن وقت ڪاوش جي هفتيوار مئگزين ۾ لکي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو بلاگر پڻ آهي.[3]

تصنيفون سنواريو

سندس تحقيقي ڪم تي 15 انٽرنيشنل پيپر دنيا جي مڃيل جرنلز ۾ ڇپجي چُڪا آهن جن کي ڪافي حوالن طور پڻ ڪم آندو ويو آهي ۽ جوڳي سائٽيشن ٿي آهي[4]. سندس ڪتاب ”گريجوئيٽس جون گھُرجون“[5] سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپيو ويو، جيڪو گرئجويٽس (گريجوئيشن ڪندڙن) لاءِ هڪ رهنماء ڪتاب آهي. ڪتاب جو آئي ايس بي اين نمبر هي آهي ISBN 978-969-9866-18-0

حوالا سنواريو

خارجي ڳنڍڻا سنواريو