عالمي ڳوٺ (Global Village) جي اصطلاح پهريون ڀيرو نامياري محقق، مارشل مِڪ لوُهان (Marshall Mcluhan) پنهنجي اهم ڪتاب The Making of Typographic Man: The" Gutenburg Galaxy" (1962ع) ۾ آندو. سندس چوڻ آهي ته برقي رابطن ۾ ڪمپيوٽر جي ايجاد ۽ اطلاعات سرشتن ذريعي، دنيا جو هر پاسو ۽ ڪنڊ هڪ ٻئي سان ڳنڍجي وئي آهي ۽ ڄاڻ جي ورڇ هڪ ئي وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ٿي. ان ڪري انساني سماج جا، سياسي، سماجي ۽ معاشي معاملا به هر ماڻهوءَ جي در تائين ۽ ان حوالي سان انسانن جي ذميواريءَ جو درجو به مٿانهين سطح تي پهچي چڪو آهي. اڄڪلھ هي اصطلاح گهڻي قدر انٽرنيٽ ۽ ويب رابطن جي حوالي سان اچي ٿو، ڇاڪاڻ جو انٽرنيٽ تي طبعي وڇوٽيون غير اهم بڻجي چڪيون آهن ۽ انسان برقي رابطن ذريعي ذهني ۽ سماجي طور هڪ ٻئي جي ايترو ته ويجهو اچي ويو آهي، جو اهو نه رڳو پنهنجي پسند جا ماڻهو ۽ حلقا دنيا جي ڪنهن به ڏس ۾ ڳولي ڪڍي ٿو، پر انهن حلقن جي وچ ۾ سياسي، سماجي، معاشي ۽ ٻين سوين معاملن بابت، خيالن جي مڪمل ڏي وٺ ۽ اڳڀرائي پڻ ٿيڻ جوڳي ٿي چڪي آهي. اهڙي طرح ويب ٽيڪنالاجيءَ ذريعي "عالمي سماج" جي جوڙجڪ پڻ عمل ۾ اچي چڪي آهي. هاڻي ماڻهو تيز ترين رابطن ذريعي، ڪيترائي اطلاع فورن پکيڙي سگهن ٿا ۽ انهن تي ردعمل ظاهر ڪري، حڪمت عملي جوڙي سگهن ٿا. مڪ لوهن جو چوڻ آهي ته انهن ويجهڙائين، اسان کي روايتي قومي ترجيحن کان مٿانهون ڪندي، هڪ ٻئي جي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ عالمي ذميواريون سمجهڻ جو احساس ڏياريو آهي. خاص طور ويب سائيٽن جي وڏي انگ ۾ ٺهڻ کان پوءِ، انسانن وچ ۾ ”تفصيلن جي مٽا سٽا“ به اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ جوڳي ٿي وئي آهي. نئين دور جي انهن حقيقتن ۾ نئين سماجياتي تاڃي پيٽي ۽ ڏيهان ڏيهي (بين الاقوامي) ثقافت جوڙڻ لاءِ، هڪ شاندار اڳڀرائي ڪئي آهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ دنيا جي سياسي معاملن کان وٺي رهڻي ڪهڻيءَ تائين، ڌرتيءَ جي گولي تي موجود انسانن وچ ۾ گڏيل ڀائي چاري جو تصور ڏينهو ڏينهن سگهارو ٿي رهيو آهي. تازو عرب دنيا ۾ اٿندڙ عوامي احتجاج، رڳو انهن ملڪن کي نه پر دنيا جي مڙني انسانن کي نه رڳو سوچڻ تي پر ائين ڏس ۾ ٿيڻ جوڳي عملي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ به اُتساهي رهيو آهي. ساڳي طرح گهڻ قومي ڪارپوريشنن ۽ ٻين ڏيهان ڏيهي ادارن کائڻ پيئڻ، اوڍڻ، اٿڻ، ويهڻ ۽ سوچڻ جي حوالي سان، دنيا جي مڙني قومن کي هڪ رخ ۾ اڳڀرائي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ روزگار کان وٺي شادين مرادين تائين، هر معاملي ۾ دنيا جا در سڀني لاءِ کلي چڪا آهن. "عالمي ڳوٺ" جي تشڪيل ۾ جتي انسان ذات لاءِ تمام گهڻيون سولائيون پيدا ٿيون آهن، اتي مقامي ثقافتن، ٻولين ۽ روين کي هاڃان پڻ پهچي رهيا آهن.[1]