عالمي ڏڻ ماحول

گڏيل قومون ماحول پروگرام پاران قائم ڪيل ڏڻ

عالمي ماحول جو ڏينهن (انگريزي ٻولي: World Environment Day) ماحولياتي تبديلين جي ڪارڻ کان پيدا ٿيندڙ انهن مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ماحول بابت آگاھي ۽ شعور وَڌائڻ لاءِ 1974ع کان وٺي ھر سال 5 جون تي ماحوليات جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آهي.

ماحول بابت ماهرن پاران هر سال ھن ڏھاڙي کي ملھائڻ لاءِ مختلف ٿيم جي چُونڊ ڪندا آھن، تہ جيئن ان ڏينھن سَموري دُنيا ۾ ھڪ ئي مسئلو بحث ھيٺ آندو ويندو آھي.

  • 2019 جي ٿيم آھي، 2019, “Beat Air Pollution,”. يعني ”ھوائي گدلاڻ کي مات ڏيو“.[1]
  • 2018 جي ٿيم Theme
  • 2017 جي ٿيم
  • 2016 جي ٿيم
  • سال 2015 ۾ وڌندڙ آبادي ۽ وسيلن جي ورڇ جي موضوع تي بحث ڪيو ويو ۽ 2015 جو موضوع 7 ارب آمريڪي آدرش: ھڪ سَيارو، ڌيان سان واپرايو. Seven Billion Dreams:One planet; Consume with Care؛
  • 2014 ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ سمُونڊ (سمنڊ) جي وَڌندڙ سطح جي نتيجي ۾ ننڍڙن ٻيٽن (جزيرن) جي بقا کي خطرن جو عنوان تحت موضوع بحث ھيٺ ٿيو ۽ 2014 جو نعرو Raise Your Voice, Not the Sea،. يعني ”پنھنجي آواز بُلند ڪريو نڪي سمنڊر جي سطح “ ھيو.
  • 2014 جي ٿيم
  • 2013 ۾، سڄي دنيا ۾ خوراڪ جي زيان جي مسئلي تي بحث ڪيو ويو ۽ 2013 جو ٿھيم Theme، Think. Eat. Save. يعني ”سوچيو، کائو، بچايو“ ھُئي.
  • 2012 ۾ اهڙي طرز زندگي رکڻ جي موضوع بحث ھيٺ آئي، جيڪا ماحول جي لاءِ ھاڃيڪار نہ ھجي ۽ 2012 جو ٿھيم (Theme) ھيو: Green Economy, Does it include you?، يعني: سائي معيشيت، ڇا اهو توهان ۾ شامل آهي؟"


حوالا سنواريو

  1. "World Environment Day - 5 June". www.un.org. حاصل ڪيل 2019-06-05.