عالمي حُڪومت
عالمي حُڪومت يا ورلڊ گورنمينٽ (World Government) يا ڪا به اهڙي وڏ قومي (Suprantional) سنگت ، جنهن کي قانون سازي ۽ ڪم ڪار هلائڻ ۽ طاقت جي استعمال سوڌا حڪمراني يا صاحبي ڪرڻ جا سڀ اختيار هُجن، اها ’عالمي حُڪومت‘ سڏبي آهي. ان سنگت آڏو جُدا جُدا قومن جي خودمختياري ختم ڪري، قومن وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار ۽ اختلاف صلاح مصلحت ذريعي، هڪ مضبوط ”عالمي قانون“ تحت حل ڪيا ويندا آهن. ڪنهن به هڪ سنگت کي اهي سڀ اختيار ملڻ جو مقصد هوندو ته دُنيا جي مڙني قومن کي هٿيارن جي ڊوڙ مان ٻاهر ڪڍي عالمي امن ۽ ڀائيچاري کي وڌايو وڃي. هن نظريي جي وڪيلن مطابق ”عالمي حُڪومت“ جي جوڙجڪ ڪنهن مرڪزي سرشتي وانگر هوندي، جنهن کي امن امان جي بحاليءَ ۽ قانون جي حاڪميت واري ذميواري مليل هوندي، جڏهن ته روايتي رياستن جي ذميواري رڳو مڪاني سطح تي هڪ منتظم واري وڃي بيهندي. اهڙي ’خودمختياريءَ کان وانجهيل رياست‘ جي حيثيت عالمي حُڪومت جي رڳو هڪ ميمبر واري هوندي، جنهن کي محدود اختيار مليل هوندا. اِن پرياءَ يا خاڪي جو عام مقصد بين اقوامي لاڳاپن مان تڪرارن جو خاتمو ۽ ڇڙواڳي، انڌ ڌنڌ ۽ وڳوڙ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ آهي. ائين ڪرڻ سان ”گڏيل سلامتي“ ۽ ”طاقت جو توازن“ وارن نقصانڪار بُنيادن تي بيٺل عالمي امن جو قبلو ٺيل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. ”عالمي حڪومت“ جي حاصلات ٻن طريقن سان ٿيڻ جوڳي آهي. ڪا عالمي قوت سڄي دُنيا کي فتح ڪري ان تي پنهنجي حاڪميت قائم ڪري يا دُنيا جون قومون هڪٻئي سان رضامنديءَ ۽ پاڻ ۾ سهڪار سان عالمي سطح جو سرشتو جوڙي وٺن. دُنيا جي تاريخ ۾ جهاتي پائيندي، رومي سلطنت ۽ گڏيل قومن تحت هلندڙ عالمي سرشتن تي نظر رکندي، هن نظريي جا حامي چون ٿا ته هاڻوڪي رياستي نظام کي ختم ڪري ۽ اڪيلي قوم جي اختيارين کي گهٽائي، عالمي سطح تي نه رڳو جنگ پسند سوچن جو خاتمو آندو وڃي، پر مستقبل جي دُنيا لاءِ اهڙو ڍانچو تيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ معاشي سُک، سماجي انصاف ۽ ماحولياتي توازن کي اوليت مليل هجي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد