عارباڻي [1]:

ذات يا پاڙو ،جيڪو ڪيترن ئي قبيلن ۾ آهي ،جهڙوڪ :( 1 )بڙدين ،مغيرن ۽ ڪٽوهرن جو هڪ پاڙو آهي.( 2 )جامع سنڌي لغات ۾ جتوئين جا 14 پاڙا لکيل آهن ،جن مان هڪي پاڙي جو نالو عارباڻي لکيل آهي،( 3 )راءِ بهادر هتو رام لکيو آهي‘ عارباڻي’ سبزوئي بروهين جو هڪ پاڙو آهي ۽( 4 )ٿاڻي عارب خان ۾ رهندڙ براهماڻي قبيلي جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ‘ عارباڻي’ آهي .سنڌ جو ناليوارو آرٽسٽ ،مزاحيه اداڪار ۽ گائڪ عاشق عارباڻي پڻ عارباڻي پاڙي سان تعلق رکي ٿو.

حوالا سنواريو

  1. "عارباڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-06-08.