طنبور يا تنبور منفرد ساز شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ايجاد آهي ۽ سندس دوؤر کان پوءِ سندس ڳائڻن، فقيرن ۽ ٻين موسيقارن وٽ استعمال ۾ آهي. غالباً هي ساز، شاهه صاحب، عربي ۽ ايراني موسيقيءَ کان متاثر ٿي ايجاد ڪيو. تنبور، تانپوري وانگر آهي، جيڪو مصرين جي ايجاد آهي. پر عالم چون ٿا ته دنبوري کي وڌائي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اڳي ٽي تارون هيون، شاهه صاحب هِن دنبوري جي جسامت وڌائي، ان ۾ تارن جو تعداد پنج ڪري ڇڏيو. برصغير ۾ چئن تارن وارو ساز چؤتارو به موجود آهي، جيڪو گلوڪار جي آواز جي آس ڏيڻ لاءِ ڪم ايندو آهي.

تارون سنواريو

شاهه صاحب تنبوري ۾ پنجين تار جو اضافو ڪيو ۽ ساز جي لئي لاءِ اهڙي نموني بنايو، جو تال جو ڪم به ڏيڻ لڳو. تنبوري جي پنجن تارن جي ورهاست هن نموني ڪئي ويئي آهي، پهرين تار کي گهُور چيو ويندو آهي. ان کي مڌر اسٿان جي کرج سان ملايو ويو آهي، ان کان پوءِ ٻن تارن کي جاڙيون چيو ويندو آهي، انهن مان مڌم اسٿان جي کرج نڪرندي آهي. چوٿين تار کي زبان چيو ويندو آهي، جنهن مان مڌر اسٿان جو پنچم سُر ڪڍيو ويندو آهي، پنجين تار سٽا تي نڪرندي آهي. اها لطيف سائينءَ جي ايجاد آهي. ان جو اهو فائدو ٿيو آهي، جو ڳائيندڙ پنهنجو بنيادي آواز سُر کرج جي بجاءِ پنچم کان شروع ڪندا آهن ۽ پوءِ ٽيپ اسٿان ۾ اچڻ وقت سندس آواز تمام اوچو ٿي ويندو آهي. اهو طريقو ايران ۽ مصر ۾ اڃا تائين مروج آهي. هن تنبور جي ايجاد کان پوءِ ڳائيندڙ کي تال جي ڪنهن ساز جي ضرورت نٿي پوي، ڇاڪاڻ ته هو انهن ڀرپور تارن تي جنهن وقت مضراب هڻندا آهن ته ساز سان گڏ تارون تال جو ڪم به ڏينديون آهن.

پهريون تنبور سنواريو

پهريون تنبورو شاهه صاحب ٺٽي مان ٺهرايو ۽ اهو ساڳيو تمر فقير کنيو، جيڪو ”شاهه جي راڳ“ جو اڳواڻ ٿيو. اهو تنبورو تاحال تمر فقير واري اوطاق ۾ رکيل آهي. هر جمعي جي رات راڳ جو اڳواڻ فقير اول انهيءَ تنبور تي وڌائي خاطر تند هڻي، پوءِ پنهنجي تنبوري تي ويهي ڳائيندو آهي. هن وقت اهو دنبورو نازڪ حالت ۾ آهي. هي يڪ ڀانڊو تنبور، هڪ ئي ڪاٺيءَ مان ڪوري ٺاهيل آهي. چون ٿا ته ڀٽائي صاحب جي وقت ۾ ٺٽي کان موتي ۽ گوپال ڪاريگر آيا، جن ڀٽ تي ويهي اهي تنبورا ٺاهيا. ان کان پوءِ ڦاڪدار تنبورو يعني هڪ کان مٿي ڪاٺ جي ٽڪرن جي جوڙ مان ٺاهيا. تمر واري تنبوري کان پوءِ ٻه ٻيا تنبورا هڪ فقير محمد عالم ڏيري جو ۽ ٻيو تمر فقير جي ڪنهن ساٿيءَ جو ٺهيو، جنهن کي شاهه سائينءَ وڄايو.[1]

حوالا سنواريو