طبقاتي ڪشمڪش (Class Struggle) دنيا ۾ مظلوم ۽ پيڙيل طبقن ۽ حاڪم ۽ ورسايل طبقن وچ ۾ مفادن خاطر ڪشمڪش رهندي آهي. ان ڪشمڪش کي طبقاتي ڪشمڪش چيو ويندو آهي. طبقاتي ڪشمڪش جو وڏو سبب غير هموار ۽ عدم مساوات وارو معاشي نظام هوندو آهي. طبقاتي ڪشمڪش جو خاتمو، ادب جو صدين کان خاص موضوع رهيو آهي[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.