بئريسٽر ضمير گهمرو، هڪ قانوندان، وڪيل آهي. هن 1966ع ۾ خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.

شروعاتي زندگي ۽ تعليم سنواريو

ضمير گهمرو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان 1991ع ۾ ’بين- الاقوامي تعلقات‘ ۾ ماسٽرس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو ۽ ساڳئي مضمون لاءِ اتي ليڪچرر طور هڪ سال پڻ پڙهايائين. 1992ع ۾ هن چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان پاس ڪري، سول سروسز اڪيڊمي، -پشاور- مان سب ڊويزنل مئجسٽريٽ جي تربيت ورتي، بعد ۾ هو مختلف وقتن ۾ -ايس-. ڊي. ايم، سٽي مئجسٽريٽ، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر طور 2001ع تائين مختلف هنڌن تي ذميواريون نڀائيندو رهيو. هن 2003ع ۾ لنڊن جي سٽي يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بي ڪئي ۽ 2005ع ۾ يونيورسٽي آف ويلز، -انگلنڊ- مان ايل. ايل. ايم جا چار يونٽ مڪمل ڪيا.

پيشو سنواريو

بئريسٽر ضمير، سنڌ سرڪار ۾ ڊپٽي سيڪريٽري طور مقرر هو, جتان هن جولاءِ، 2005ع ۾ ان سرڪاري ذميواري تان استعيفا ڏيئي ڇڏي . جنهن کانپوءِ هن جو قانون ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ هو هاءِ ڪورٽ جي وڪيل طور به نامزد ٿي چڪو هو، موجودهه وقت ’ضمير گهمرو اينڊ ايسوسيئيشن‘ نالي قانوني معاونت جو فرم سنڀالي رهيو آهي، سماجي کيتر ۾ هن انساني حقن جي تنظيم سان گڏجي سنڌ جي ڪجهه نجي جيلن مان زميندارن وٽ ناحق قيد ڪيترين ئي هارين کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. مختلف انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۾ سماجي جاڳرتا ۽ حالات حاضره بابت تحقيقي ۽ تجزياتي ڪالم به لکندو رهي ٿو. پاڻ هن وقت ’سنڌ دوست رابطا ڪائونسل‘ (SDRC) جو سربراهه آهي، [1] جنهنجي پليٽ فارم تان هو قومي حقن، خود مختياري ۽ انساني حقن بابت جاکوڙي رهيو آهي. [2] [3] [4]

پڻ ڏسو سنواريو