صيهونيت ورڌ

صيهونيت جي مخالفت

صيهون مخالفت صيهونيت جي مخالفت آهي.جديد دور ۾ هي اصطلاح سطحي طور تي يهود جي نسلي قوميت ۽ انهن  يهودي سياسي  تحريڪن ۽ يهودي ثقافت جي مخالفت آهي، جيڪا  يهودي جنم ڀومي ۽  يهودي رياست  جي حمايت ڪري ٿي، انهن علائقن (فلسطين، ڪنعان  ۽ بيت المقدس) ۾ جيڪي تاريخي طور تي يهودي رياست  ۾ رهيا آهن. ضد صهيوني اسرائيل جي رياست جي مخالفت طور پڻ ڏٺي وڃي ٿي. هي اصطلاح مختلف مذهبي، اخلاقي ۽ سياسي نقطِي نظر جي وضاحت لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر ان جي ترغيب ۽ اظهار جو ٽڪراءَ گهڻي حد تائين مختلف آهي، ڇوتہ "صيهون مخالفت" کي ائين نہ ڏٺو وڃِي ٿو تہ ان جو ڪو هڪ واحد نظريو يا ماخذ هجي. ڪهڙي ريت ان تي  فلسفياڻو خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي ۽ ڪهڙي طرح هي ڪنهن سياسي يا سماجي مهم جي اندر رهي لاڳو ڪيو ويندو آهي انهن ٻنهين جي وچ۾ پڻ فرق آهي.[1] ڪيترن ئي قابل ذڪر يهودي ۽ غير يهودي ذريعن جي راءِ آهي تہ صيهونيت مخالفت اڄڪلهه جي ضدساميت جي لاءِ آڙ بڻجي چڪو آهي، هي هڪ اهڙِي صورت  آهي تہ تنقيدنگارن جهڙوڪ  اسرائيلي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ وارن کي خاموش ڪرڻ جو هڪ حربو قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن تہ  ٻين تنقيد نگارن   سٽيون م ڪوهن ، برائن ڪليگ [2] ۽  ٽوڊ گيٽلن ,ان ۾ ڪو به گڏيل تعلق نہ ڏٺو.

غزہ جي جنگ جي خلاف ملبورن ۾ احتجاج, 2009 ع
7 سيپٽمبر 2006 ۾ ٽرافلگر اسڪوائر, لنڊن. تي

تاريخ سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Halpern, Gilad, host. "Left Handed Compliments ...." The Tel Aviv Review, TLV1 Podcasts. 17 November 2017. See discussion beginning at 22:33.
  2. Brian Klug, No, Zionism is not anti-semitism The Guardian 3 December 2003