صوفي ابراهيم شاهه
صوفي ابراهيم شاهه قادري 27 جمادي الاول 1242ھ/ 1826ع تي جھوڪ شريف ۾ پيدا ٿيو. شاهه شهيد جي درگاهه جو اٺون سجاده نشين هو. 21 محرم 1291ھ/ 1874ع تي وفات ڪيائين. سنڌي، هندي ۽ اردوءَ جو سٺو شاعر هو. شاعريءَ ۾ ”مسڪين“ ۽ ”فقير“ تخلص ڪتب آڻيندو هو. ڏٺو وڃي ته پاڻ سٺو شاعر هو، پر سندس شاعري اڄڪلهه گھٽ ملي ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”نواب حاجي محمد خان لغاري تاجپوريءَ جي قلمي -بياض- ۾ سندس 26 ڪافيون موجود آهن.“ صوفي صادق جي راڳنامي ۾ ٻه صدائون ۽ هڪ -بيت- موجود آهي، جڏهن ته ڪجهه هندي، سرائيڪي ۽ -اردو- ڪلام درگاهه جي فقيرن وٽ به موجود آهي. سندس ڪلام جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته صوفي ابراهيم شاهه هڪ سٺو ۽ اهم شاعر هو. سندس ڪلام پختو ۽ بامقصد آهي.[1]