صفد (عبراني: سپت ) (انگريزي: Safed ) يا (انگريزي: Zefat) اسرائيل جي اترئين ضلعي ۾ واقع ھڪ شھر آھي جيڪو سامونڊي سطح کان 2953 فٽن (900 ميٽرن ) جي بلندي تي واقع گليل (عربي: الجليل ) واري خطي جو سڀ کان بلند ترين مقام آهي[3]، جنھن سبب اونھاري ۾ ھن شھر جي موسم گرم ۽ سياري م تمام ٿڌي ھوندي آھي ۽ سياري م اڪثر برف پوندي آهي[4]. ٻئين ٽيمپل واري دؤر ۾ ھي شھر انھن پنجن بلند مقامن مان ھڪ ھيو جن تي باھ ٻاري روش ھوديش (عبراني ڪيلنڊر جي ھر مھيني جو پھريون ڏينھن) ۽ جشنن جو اعلان ڪيو ويندو ھيو[5] ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ اھو صليبين جي يروشلم واري بادشاھت جو سفت جي نالي سان ھڪ قلعبند شھر ھيو. 1266ع ۾ مملوڪن جي سلطنت جي سلطان بيبرس ھن شھر تي قبضو ڪيو ۽ پنھنجو گورنر مقرر ڪري قلعو کيس سونپيو. ھي شھر مملوڪ شام جي ھڪ صوبي صفد جو صدرمقام پڻ رھيو. ان صوبي ۾ انوقت الجليل ۽ جنين وارا علائقا پن شامل ھيا[6]. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق 2004 ۾ ھن شھر جي آبادي جو تخمينو 27,300 ھيو[7]. ھي شھر اتر اسرائيل م طبريا ڍنڍ (گليل وارو سمنڊ) جي ڀرسان واقع آهي[7]. اھو يھوديت جي چئن پاڪ شھرن مان ھڪ آھي[7].فليويئس جوزفس پھرين صدي عيسويءَ ۾ ۽ ٻيھر صليبين وچولي دؤر ۾ ھن شھر جي قلعبندي ڪرائي ھئي[7]. ھي شھر سورھين صدي عيسويءَ ۾ يھودي وجدانيت واري مڪتبه فڪر جو مرڪز رھيو ۽ 1948ع ۾ جديد اسرائيلي رياست جو حصو ٿي ويو[7]. ھن شھر جي معيشت ھلڪي صنعت ۽ سياحت تي مشتمل آهي[7].

صفد
  • צְפַת
  • صفد
عبراني نقل نگاري
 • آء ايس او 259 Çpat
 • لفظي نقل سفت
 • وڌيڪ اچار Tsfat, Tzefat, Zfat, Ẕefat (official)
صفد is located in Northeast Israel
صفد
صفد
صفد is located in Israel
صفد
صفد
جاگرافي بيهڪ: 32°57′57″N 35°29′54″E / 32.96583°N 35.49833°E / 32.96583; 35.49833مڪانيت: 32°57′57″N 35°29′54″E / 32.96583°N 35.49833°E / 32.96583; 35.49833
ملڪ  اسرائيل
ضلعو اتريون ضلعو
ذيلي ضلعو صفد
قيام پندرھين صدي قبل مسيح کان اڳ[1]
حڪومت
 • ميونسيپلٽي جو سربراھ شوڪي اھانا
بلندي 900 ميل (3,000 ft)
آبادي (2017)[2]
 • ڪل 35,276

حوالا سنواريو

  1. Erhard Gorys (1996) (German ۾). Heiliges Land. Kunst-Reiseführer. Cologne: DuMont. p. 267. ISBN 3-7701-3860-0. "Der ägyptische Pharao Thutmosis III (1490-1436) erwähnte in seiner Liste der eroberten Städte Kanaans auch Saft, das möglicherweise mit Zefat identisch war. (The Egyptian Pharao Thutmose III (1490-1436) mentioned Saft in his list of cities conquered in Canaan, which might be identical with Safed.)" 
  2. "List of localities, in Alphabetical order" (PDF). Israel Central Bureau of Statistics. حاصل ڪيل August 26, 2018. 
  3. "Safed". Jewish Virtual Library Article. حاصل ڪيل 2012-01-07. 
  4. Vilnay, Zev (1972). "Tsefat". A Guide to Israel. Jerusalem, Palestine: HaMakor Press. pp. 522–532. 
  5. "Safed". Encyclopedia Judaica. Jerusalem, Israel: Keter. صفحو. 626. 
  6. Sharon, 1997, p. xii
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 7.4 7.5 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#. 2103 -