صداقت ڪنهن ناول، افساني يا ادبي قصي لاءِ اڪثر بحث ڪيو ويندو آهي تہ ان ۾ آيل واقعو ٿيو بہ هو يا نہ، ڇو تہ ڪوبہ اديب اهڙي دعويٰ نہ ڪندو آهي تہ اهو واقعو ڪنهن خاص زماني يا شخص سان واقع ٿيو هو. ڇو جو ادب جو هڪ ڪم اهو بہ آهي تہ اهڙي ترجماني ڪري تہ ڇا واقع ٿيو هو، بلڪ ڇا واقع ٿي سگهي ٿو. مطلب تہ ادبي صداقت جو واسطو واقع ٿيڻ سان نه بلڪ امڪان سان آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.