صبغت الله شاھ اول

صبغت الله شاھ اول
معلومات شخصيت


صبغت اللہ شاھ راشدي (سيد صبغت اللہ شاهه راشدي اول ( سنڌي) هيو۔ هو سيد محمد راشد شاهه جو سڀ کان وڏو پٽ هيو۔جڏنهن ته ننڍو ۽ اٺون پير پاڳارو جو نالو پڻ سيدصبغت اللہ شاهه راشدي هيو۔

علمي شغف سنواريو

صبغت اللہ شاهه راشدي اول پنهنجي تعليم ۽ تربيت پنهنجي والدِ محترم سيد محمد راشد شاهه کان ئي حاصل ڪئي۔ پاڻ تمام وڏو علمي ڪتب خاني جو پڻ مالڪ هيو، جنهن ۾ نادر ۽ ناياب ڪتاب جمع ڪيا هيائين۔ سيد احمد شهيد جي ڏوهٽي سيد حميد الدين ان جي ڪتب خاني جي باري ۾ فرمايو ته

سندن ڪتب خانو وڏي عجيب و غريب هيو سلاطين وامراء جي ويجهو پڻ اهڙو ڪتب خانو نه هوندو پندرنهن هزار جلد ڪتب معتبره ان ۾ موجود هيا۔ سو ديوان فارسي جي ايراني خط ۾ مطلا، پنجهٺ جلدون معتبر تفسيرون جي ،شاهنامه فردوسي جي پنچ نسخن جن منجان ٽي مصور ومطلا هيا۔ حديث جي تمام معتبر ڪتابن بشمول شروح ، جامع الاصول تيسر الوصول ،احياء العلوم ۽ فتوحات مڪيه جا ٽي ٽي نسخا ۽ سڀ جلدون شاهانا هيون۔[1]

وفات سنواريو

سيد صبغت اللہ شاهه جي وفات 1246ھ ۾ ٿي۔

حوالا سنواريو

  1. تاريخ دعوت وعزيمت ۔ سيد ابو الحسن علي ندوي ، ص : 476 حصو ششم