صادق ڊين ھاءِ اسڪول

گورمنٽ صادق ڊين ھاءِ اسڪول (انگريزي: Sadiq Dane High School)، جنهن کي ايس. ڊي. هاءِ اسڪول پڻ چيو ويندو آهي، بهاولپور ۾ واقع موجود هڪ هاءِ اسڪول آهي..[1][2] ھي بهاولپور جو سڀ کان وڏو اسڪول آهي جنهن ۾ هن وقت 2000 کان مٿي شاگرد داخل آهن. اسڪول جي عمارت پنهنجي گھڙيالن جي ڪري مشهور آهي.[1][3]

صادق ڊين ھاءِ اسڪول
Sadiq Dane High School
ھنڌ
Map
ڀڀرانا، بھاولپورت، پنجاب


پاڪستان
بيھڪ 29°23′39″N 71°41′06″E / 29.394184°N 71.684897°E / 29.394184; 71.684897
معلومات
ٻيا نالا ايس. ڊي. ھائي سڪول
اڳوڻو نالو صادق دارالاقامہ
قسم عوامي
قيام 1911 (1911)
باني لوئس ڊين
نواب محمد صادق خان عباسي

ايس. ڊي. هاءِ اسڪول جي عمارت 1906ع تي ٺھي مڪمل ٿي. شروعات ۾ ھن عمارت ۾ ڪاليج قائم ڪيو ويو جنهن جو نالو صادق ايگرٽن ڪاليج بهاولپور هو. جيڪو بهاولپور کان صادق آباد ۽ بهاول نگر ضلعي ۾ منڊي ميڪلوڊ گنج تائين پکڙيل هو.[1] ڪاليج جو نالو نواب محمد صادق خان عباسي ۽ ان وقت پنجاب جي تڏھوڪي ليفٽيننٽ گورنر رابرٽ ايلس ايگرٽن جي نالي پٺيان رکيو ويو.[1] 1952-53ع ڌاري ھن ڪاليج کي منتقل ڪيو ويو، ۽ اتي ايس. ڊي. ھاءِ اسڪول کي منتقل ڪيو ويو، ان کان اڳ ھي اسڪول ويجهي گورنمينٽ ٽيڪنيڪل هاءِ اسڪول ھوندو ھو. شروع ۾ ھن اسڪول کي صادق دارالاقامہ سڏيو ويندو ھو.[1] It [4]


اسڪول جي عمارت ۾ لڳل گھڙيال جو افتتاح لوئس ڊين ڪيو، ان لاءِ ھن کي صادق ڊين ھاءِ اسڪول چيو ويندو آھي.[5] ي.

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 Gill, Majeed. "Anything but clockwork!". DAWN.COM. 
  2. Ahmed, Huda. "A journey to Bahawalpur and beyond, on the road of self discovery". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2018-04-24. We also passed by some more heritage buildings like the Sadiq Dane High School and the Bahawal Victoria Hospital. 
  3. "New time: Tower clock replaced". 
  4. Desk, Interactive. "12 places you didn't know existed in Bahawalpur". DAWN.COM. 
  5. "DAWN - Features; December 05, 2006". DAWN.COM.