صابڻ: نالا: ع. صابون، ف. صابن، هه. وغيره___ صابون، سقونيا، حنين ۽ سوپ. مشهور شيءِ آهي، جيڪا تيل ۽ کار جي پاڻيءَ کي ملائي ٺاهيندا آهن، ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪم ايندو آهي.

طب سنواريو

خاصيت: هن جو مرهم بادفرنگ، آتشڪ، ناسورن جي ڦٽن ۽ زائد گوشت وارن ڦٽن کي فائدو ڪري ٿو. حمل واري عورت کائي يا ان جو شافو ڪري رکي ته ٻار ڪري پوندو. حيض جاري ڪري ٿو. آنڊن جا ڪيڙا ماري ٿو. هن جو شافو ننڍڙن ٻارن کي قبضيت ۽ سدن ڪڍڻ لاءِ حقني جي صورت ۾ ڪمائتو آهي. زهر قاتل آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو