شھريار مرزا(انگريزي: Shahryar Mirza) (ڄم، 16 جنوري 1605 –وفات، 23 جنوري 1628) جھانگير جو پنجون نمبر ۽ ننڍي ۾ ننڍو پٽ ھيو جيڪو 16 جنوري 1605 ۾ پيدا ٿيو ۽ 23 جنوري 1628 ۾ وفات ڪيائين. جھانگير جي وفات کان پوء ھن پنھجي ويڳي ماءُ نورجھان جي مدد سان گادي نشين ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا سندس سس بہ ھئي.ان ڪوشش ۾ ھي ڪجهه وقت علامتن بادشاھ ٿيو پر شاھجھان کين ناڪام بڻايو ۽ کيس مارائي ڇڏيو.

شھريار
شھريار
شھريار
مغل شھنشاھ
(نالي ۾ )
نومبر 1627 – 23جنوري 1628
پيشرو جھانگير
جانشين * شاھجھان
جيون ساٿي مھرالنساء بيگم
نسل ارزاني بيگم
گهراڻو تيموري
پيءُ جھانگير
جنم 16 جنوري 1605
آگرو
لاڏاڻو 23 جنوري 1628 (عمر 23 سال)
لاھور
تدفين لاھور
مذھب سني اسلام

تفصيلي تعارف سنواريو

سندس ماءُ اڪبر بادشاھ جي وفات وقت 1605 ۾ جھانگير جي رکيل ھئي. شھريار مرزا جوان ٿي پنھنجي ويڳي ماءُ نورجھان جي اڳڄائي ڌيءَ مھرالنساء بيگم سان ڪئي جيڪا شير افغن قلي خان جي نياڻي ھئي. کين ھڪ ڌيءُ ڄائي جنھن جو نالو ارزاني بيگم ھيو [1][2]نورجھان جي چوڻ تي جھانگير ڍولپور جو پرڳڻو ۽ قلعو ھن کي ڏنو جيڪو شھزادي خرم کي کپندو ھو . شھريار اتي دريا خان افغاني کي نگران مقرر ڪيو پر نورجھان سيف الملڪ کي مقرر ڪيو [3] 13 آڪٽوبر 1625 ۾ شھريار کي جھانگير ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو جتي سيف الملڪ ھن جي نائب طور ڪم ڪيو [4]

تخت نشيني سنواريو

28 آڪٽوبر1627 ۾ جھانگير وفات ڪئي ۽ ان وقت نورجھان چاھيو پئي تہ شھريار تخت تي ويھي پر رڳو ٽي مھينا رھي سگھيو. ھي لاھور ۾ ھيو ۽ ھڪدم شاھي خزاني کي قبضو ڪري ستر لک روپيا اميرن ۾ ورھايا. جھانگير جي مرحوم پٽ دانيال جو پٽ بائيسنگھار بہ لاھور م اچي شھريار سان ملي ويو. جلد ئي ممتاز محل جي پيء آصف خان چوٿون جي فوج ۽ شھريار جي فوج لاھور جي ڀرسان آمھون سامھون ٿيون. آصف خان چاھي پيو تہ ان جو ڄاٽو شاھجھان بادشاھ ٿئي.آگري م شاھجھان جي وڏي پٽ داور تخت تي قبضو ڪري شاھجھان کي گرفتار ڪري قلعي ۾ قيد ڪيو ۽ پنھنجي تاجپوشي جو اعلان ڪري ڇڏيو ھو پر ٻن ٽن ڏينھن م آصف خان ان سان جنگ ڪئي جيڪا داور ھارائي ويو ۽ قلعي م پناھ ورتائين پر گرفتار ٿيو ۽ آصف خان ان کان اقتدار کسي شاھجھان کي آزاد ڪري ان جي حوالي ڪيو جنھن پنھنجي پٽ داور کي انڌو ڪرائي ڇڏيو.آصف خان پوء لاھور ڏي پيش قدمي ڪئي.آصف شھريار کي بہ گرفتار ڪيو.

موت سنواريو

22 جمادالاول 1037ھ ، 1628 عيسويءَ ۾ شاھجھان جي لاھور ۾ تاجپوشي ٿي ۽ 26 جمادالاول ، 23 جنوري 1628 تي شاھجھان جي حڪم تي دوار ، سندس ڀاء گرشاسپ، شھريار، تھموراس، ھوشنگ، دانيال جا پٽ سڀني کي قتل ڪيو ويو [5][6]

حوالا سنواريو

  1. The Grandees of the Empire - Jahángír's children, Sultan Shahryar Ain-i-Akbari, by Abul Fazl, Volume I, Chpt. 30.
  2. Ali Q Ain-i-Akbari, by Abul Fazl, Volume I, chpt. 310, "'Alí Q.'s daughter, who, like her mother, had the name of Mihrunnisa, was later married to Prince Shahryar, Jahangir's fifth son.".
  3. Dholpur The Riyazu-s-Salatin (Gardens of the Sultans), a History of Bengal, by Ghulam Husain Salim ‘Zayadpuri’. 1787-8.
  4. Shahryar Governor The Calligraphers of Thatta By Muhammad Abdul Ghafur, 1968, Pakistan-Iran Cultural Association. Page 18.
  5. Death of the Emperor (Jahangir) The History of India, as Told by Its Own Historians. The Muhammadan Period, Sir H. M. Elliot, London, 1867–1877, Vol 6.
  6. Shahryar Nur Jahan: Empress of Mughal India, by Ellison Banks Findly, Oxford University Press US, page 275-282, 284, "23 January...".