شھر آشوب اهو نظم جنھن ۾ زماني جي افراتفري، ملڪ ۽ شھر جي بربادي، ويراني، ۽ تباهيءَ جو ۽ ملڪ جي ماڻهن جي مصيبت جو احوال درج ٿيل هجي تہ ان شعر کي شاعراڻي حوالي سان ”شھڙ آشوب“ چئبو آهي. شھر آشوب ۾ حڪومت ۽ رعيت جو احوال، ماڻهن جي اقتصادي ۽ سماجي حالتون، اميرن ۽ غريبن جو بيان ۽ ٻيا اهڙي قسم جا موضوع ڏنا ويندا آهن. سنڌيءَ جي اوائلي شاعريءَ ۾ شھر آشوب ملن ٿا، پر جديد شاعرن مان اهي تعداد ۾ گهٽ آهن. امداد حسينيءَ، محمد ابراهيم ”خليل“، سيد اظھر گيلاني ۽ ٻين شھر آشوب لکيا آهن. ”حيدرآباد شھر“ نظم امداد حسينيءَ جو جديد ”شھر آشوب“ آهي، جنھن ۾ حيدرآباد جو نوحو آهي. [1]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.