شگفته شاھ
گهڻو ڪري هي مضمون وڪيپيڊيا ۾ معروفيت جي عمومي اصول جي مطابق ناهي۔ جيڪڏهن مضمون حوالن کان مُڪمل خالي آهي ته ان صورت ۾ جيڪڏهن اهو وڪيپيڊيا جي فوري حذف شدگي جا معيار جي ُمطابق آهي ت فوري حذف شدگي (ڊانهڻ) عمل ۾ ايندي، بصورت ٻيو حذف(ڊاٺ، ڊانهن) جي ڪارروائيءَ جي لاءِ حذف لاءِ مضمون جو استعمال ڪيو ويندو۔ |
شاعره، ڪهاڻيڪاره شگفته شاھ جو جنم 24 اپريل 1965ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.
تعليم : هن ابتدائي تعليم محمدي اسڪول حيدرآباد، ميٽرڪ گورنمينٽ حمايت اسلام گرلز هاء اسڪول حيدرآباد، انٽر زبيده گرلز ڪاليج حيدرآباد، ايم. اي سنڌي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. تنهن کان سواءِ ايم. ايڊ ۽ انگريزي ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي اٿائين.
عملي زندگي : هن عملي زندگيءَ جي شروعات انٽر کانپوءِ استاد طور ذميواريون نڀائڻ سان ڪئي. هن وقت پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي گرلز سيڪشن ۾ سنڌي شعبي جي انچارج آهي.
ادبي خدمتون : شگفته شاھ شاعري جي شروعات 1989ع کان ڪئي. جنهن بعد هن ڪهاڻيون، ناول ۽ سفرنامو پڻ لکيا. ان سان گڏوگڏ هوء مصور پڻ آهي.[1]
ڪتاب
جڏهن ٽڙندا ڳاڙها گل (ناول)
واجھائيندي ورهيه ٿيا (ڪهاڻيون)[2]
خالي ڪينواس (شاعري)
درد آشنا ( اردو ناول)
== حوالا ==
سنواريو
حوالا
سنواريو- ↑ "شگفته شاهه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-06-29.
- ↑ "واجهائيندي ورهه ٿيا (شگفته شاهه) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-06-29.