علي شير ولد علي محمد ميربحر 21هين جون 1924ع تي ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڊيارو، ضلعي نوشهرو فيروز ۾ پيدا ٿيو. پاڻ هاڪارو ملهه پهلوان ٿي گذريو آهي.
شير ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ باقائدي ملهه وڙهڻ شروع ڪئي ۽ جلدي ئي پنهنجي پهلواني ۽ قابليت جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو، هن ملهه جي سکيا پهريان پهلوان لقمان خشڪ کان ورتي.
شير مير بحر کي رستم سنڌ جو اعزاز مليل هو. ويهين صدي جو زبردست پهلوان هو. هن لاءِ اهو مشهور هو ته هو هڪ ملهه سان هٿ ڳنڍي ٻئي کي چوندو هو سندرو ڪري ويهه هن کي دسي تو سان ٿو وڙهان.
پاڻ ٽيهن سان جي عرصي ۾ ناقابل شڪست پهلوان رهيو. انهيءَ عرصي ۾ هن ملڪي ۽ غير ملڪي پهلوانن کي شڪست ڏني. 1962ع ۾ هالا دنگل ۾ چيڪو سيلواڪيه جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي ملڪ جو مان مٿاهون ڪيو ۽ شير سنڌ جو لقب حاصل ڪيو. ٻيو مقابلو هندوستان جيگرنام سنگهه سان ٿيو جنهن کي پڻ شڪست ڏنائين. هڪ ٻيو يادگار مقابلو خيرپور ميرس ۾ ٿيو جيڪو صدر ايوب خان ۽ والي رياست مير مراد علي خان پڻ ڏٺو. 1984 ۾ بڪين جي بيماري سبب اسپتال ۾ داخل ٿيو. 28هين ماچ 1985ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ پهلوان شير ميربحر تعلقي ڪنڊياري۾ آهي. سندس ڪٽمب پاران جوڙيل شيرميربهريادگار ڪاميٽي پاران هر سال ورسي ملهائي ويندي آهي، سندس وفات کان پوءِ هڪ ڀيرو به سرڪاري سطح تي ورسي نه ملهائي وئي آهي