شيخ موسيٰ آھيداڻي
هندوستان ۾ شيخ موسيٰ بن اسحاق آهيداڻي رحمه اللہ جو نالو مشهور بزرگن ۽ الله لوڪ صوفين ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ 1292ع ڌاري آديپور ۾ ڄائو هو ۽ سلطان علاؤالدين خلجي جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو. پنهنجي وقت جو ناميارو صوفي ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ ”قادري“ طريقت سان وابسته هو. زندگيءَ جا آخري ڏينهن ساڱري درياهه جي ڪناري تي عبادت ڪندي گذاريائين. سال 1366ع تي وفات ڪيائين، کيس ساڱري واهه جي ڪناري تي دفن ڪيو ويو.[1]