شيخ محمد حيات(انگريزي: Sheikh Muhammad Hayat) شيخ محمد حيات ولد ملا ڦلاريو، عادلپور تعلقه گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو ۽ اڳتي ھلي عرب عجم جي استاد ھجڻ جي عزت حاصل ڪيائين. جواني جي زماني ۾ سنڌ مان سفر ڪري حرمين شريفين طلب علم لاءِ ھليو ويو، شيخ ابو الحسن محمد بن محمد صادق ڪبير کان علوم حاصل ڪيائين ۽ سندس وفات کان پوءِ مسجد نبوي ۾ درس حديث ۽ وعظ فرمائيندو ھو جنهن ۾ ھزارين ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا ھئا[1]. حديث ۽ وعظ جي مسند جي مالڪ جي خدمت ۾ شام، مصر، مراڪش ۽ ھندوستان جي سون علمائن حديث جي علم جي تحصيل ڪئي. سندس شاگردن جي فهرست تمام طويل آهي مگر مشهور مسلمانن مان تاريخ ۾ ھيٺين ماڻهن جا نالا اچن ٿا: شيخ احمد بن عبد الرحمان، شيخ محمد سعيد صغير، شيخ عبدالقادر خليل ڪدڪ، سيد عبدالقادر بن احمد، سيد غلام علي آزاد بلگرامي، شيخ محمد فاخر الله آبادي ۽ شيخ ابوالحسن صغير، شيخ غلام حسين ٺٽوي مدني ، وغيره حجج الڪرام جي مصنف شيخ محمد حيات کي مجددن ۾ شمار ڪيو آھي. مولانا محمد فاخرالله آبادي شيخ جي تعريف ۾ ھڪ وڏو نظم لکيو آھي.[1].شيخ محمد حيات قرآن ۽ حديث ۾ ايڏو ملڪه ۽ جتمعاد پيدا ڪيو ھو جو ھن کي تقليد جي ضرورت ڪانه رھي ھئي، جنهنڪري ھن عام ماڻهن کي عمل بالحديث جي دعوت ڏني ۽ ان باب ۾ ھڪ رسالو به لکيائين ۽ سموري زندگي انهي مسلڪ تي گذاريائين. شيخ محمد حيات جا مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي سان ڪن مسئلن تي مناظرا به رهيا اُھن ۽ ھڪ ٻئي تي انهن بزرگن بيحد سنجيدگي سان رد ڪد ڪيا آھن. شيخ محمد حيات جي تصنيفات مان ھيٺيان ڪتاب معلوم ٿيا آھن:

  • (1) تحفته الانام في العمل بحديث النبي عليه الصلوٰته و السلام،
  • (2) الايفاف علي سبب الاختلاف،
  • (3) شرح ترغيب ترھيب منذري،
  • (4) شرح اربعين نووي،
  • (5) رساله رد بدعت تعزيه، (ان ۾ علامه معين تي رد ڪيل آھي)،
  • (6) النهي عن عشق المردان والنسوان (عشق مجازي تي رد)
شيخ محمد حيات چاچڙ سنڌي
پيدائش عادلپور، گھوٽڪي
وفات 1163ھ
مدينو
مدفن جنت البقيع قبرستان
شھرت جو ڪارڻ عالم دين ، مفسر ، محدث
مشھور ڪم *(1) تحفته الانام في العمل بحديث النبي عليه الصلوٰته و السلام،
  • (2) الايفاف علي سبب الاختلاف،
  • (3) شرح ترغيب ترھيب منذري،
  • (4) شرح اربعين نووي،
  • (5) رساله رد بدعت تعزيه، (ان ۾ علامه معين تي رد ڪيل آھي)،
  • (6) النهي عن عشق المردان والنسوان (عشق مجازي تي رد)
ماءُپيءُ ملا ڦلاريو


ان رساله جو گهڻو حصو نواب صديق حسن خان ڪتاب هدايته السائل ۾ نقل ڪيو آهي، نواب صاحب ڪتاب اتحاف النبلاءُ ۾ لکيو آھي ته بعض رسائل شيخ محمد حيات فقيرازه و که مکرور آورده لله الحمد، ڪي رساله جناب پير صاحب جهنڊه واري ڪتبخانه ۾ به موجود آھن ۽ بلڪل ناياب آھن. صفر سنه 1163 ھه ۾ مدينه منوره ۾ وفات ڪئي ۽ جنت البقيع ۾ ھميشه لاءِ وڃي آرامي ٿيو، سندس شاگرد سيد غلام علي آزاد بلگرامي سندس تاريخ ”رحله شيخي“ مان ڪڍي آھي[2].[1].

مفتي عبدالوهاب چاچڙ سندن زندگي تي عربي ۾ ٻه تحقيقي ڪتاب لکي چڪو آهي جنهن ۾ هن سندس خدمتن ۽ زندگي تي روشني وڌي آهي.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ
  2. الوحيد اسپيشل ايڊيشن ”سنڌ آزاد نمبر“ ص 35 – 36 جون 1936ع ڪراچي .