شهري سفارتڪاري يا سٽيزن ڊپلوميسي (Citizen Diplomacy) مان مراد ڪنهن به عام رواجي شهريءَ جو اهڙي سرگرميءَ ۾ حصو وٺڻ جو عمل آهي، جنهن سان شعوري توڙي لاشعوري طور سندس ملڪ يا قومي مقصد کي فائدو پوي، ته ان کي شهري سفارتڪاري چيو وڃي ٿو. هن قسم جي سرگرميءَ جي ضرورت ٻن رياستن جي وچ ۾ سڌا لاڳاپا نه هجڻ يا خراب لاڳاپن جي صورت ۾ پوندي آهي. ان واسطيداريءَ دوران ٻه ڌريون علمي معلومات، ثقافتي وفدن جي دورن، راندين، واپار ۽ ٻين طريقن سان هڪٻئي جي شهرين کي ملڻ ۽ غلط فهميون دور ڪرڻ جو موقعو ڏينديون آهن. اهي رابطا اڳتي هلي نتيجا ڏيندڙ ۽ لاڀ ڏيندڙ ڳالهين جو بنياد وجهندا آهن.[1]

حوالا سنواريو