شنگھائي(انگريزي: Shanghai ) عوامي جمهوريه چين جو آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو شھر آھي جيڪو چين جي سڌي اختيار واري شنگھائي ميونسپلٽي ۾ واقع آهي جنھن تي چين جي رياستي ڪائونسل جي حڪومت آھي. اھو يانگزي ندي جي سمنڊ ۾ پوندڙ ڏاکڻي شاخ لڳ واقع آهي جتي ھوئانگپيو ندي ان سان ملي ٿي. شھر جي آبادي 2019 ۾ 2،42،80،000 ھئي. ھي آبادي ۾ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. شھر عالمي مالياتي مرڪزن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تحقيق جي مرڪزن، دنيا جي مصروف ترين بندرگاھن، آمدورفت ۽ مينيوفيڪچرنگ جي عالمي مرڪزن ۾ شامل آهي. شھر شروع ۾ ھڪ مھاڻن جو ڳوٺ ھوندو ھو جيڪو وڌي مارڪيٽ ٽائون جي درجي تي پهتو. اوڻويھين صدي عيسويءَ ۾ ھن شھر کي واپار ۽ بندرگاھ جي لاء سازگار مقام ھجڻ سبب چاڙھ مليو. پھرين آفيم جي جنگ بعد پرڏيهي تجارت لاء جيڪي پنج بندرگاھون زبردستي ٺاھيون ويون انھن ۾ شنگھائي واري بندرگاھ پڻ شامل ھئي. شھر ھڪ وڏو عالمي تجارتي مرڪز ٿي ويو پر 1949ع ۾ سوشلسٽ انقلاب بعد تجارتي سرگرميون زوال پذير ٿي ويون. 1990 واري ڏھاڪي ۾ ڊينگ شيائوپنگ جي آندل معاشي سڌارن ذريعي ھن شھر تمام تيزي سان ترقي ڪئي. خاص طور تي پيوڊانگ وارو نئون حصو تجارتي ۽ مالياتي سيڙپ جي واپسي سان عالمي مرڪز ٿي ويو. ھن شھر جي اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي ڏھ وڏين اسٽاڪ ايڪسچينجن مان ھڪ آھي. شنگھائي مفت ٽريڊ زون چين جي مفت ٽريڊ زونن ۾ پھريون زون ھيو. 2020ع ۾ ھن شھر جو شمار الفا پلس شھرن ۾ ٿي ويو. ھي دنيا جو ٻيون نمبر وڏو ارب پتي ماڻھن جو شھر سڏيو ويندو آهي.

شنگھائي
上海市
چيني حڪومت جي سڌي اختيار واري ميونسپلٽي
مٿان کاٻي کان ساڄي پاسي:لجيئازئي وارو افقي منظر، يو گارڊن، نانجنگ روڊ، ايڇ ايس بي سي بلڊنگ، چيني آرٽ ميوزم، پراڻو شھر
ڀانڃ: 上海浦 (شنگھائي پيو)
" ھوئانگپيو ندي جو اصل نالو."
چين ۾ شنگھائي ميونسپلٽي جو حصو مقام
چين ۾ شنگھائي ميونسپلٽي جو حصو مقام
جاگرافي بيهڪ (پيپلز اسڪوائر): 31°13′43″N 121°28′29″E / 31.22861°N 121.47472°E / 31.22861; 121.47472مڪانيت: 31°13′43″N 121°28′29″E / 31.22861°N 121.47472°E / 31.22861; 121.47472
ملڪ عوامي جمهوريه چين
ريجن اوڀر چين
آبادي جي شروعات ت. 4000 ق م[1]
چنگلانگ شھر جو قيام
746
 - شنگھائي ڪائونٽي 1292[2]
 - ميونسپلٽي 7 جولاءِ 1927
انتظامي ورهاست
  ڪائونٽي سطح:
  ٽائون شپ سطح:

16 ضلعا
210 ٽائون ۽ ذيلي ضلعا
حڪومت
 • قسم ميونسپلٽي
 • مجلس شنگھائي ميونسپل پيپلز ڪانگريس
 • ڪميونسٽ پارٽي شنگھائي جو سيڪريٽري لي چيانگ
 • ميئر گانگ جينگ
 • ڪانگريس چيئرمين Jiang Zhuoqing
 • ميونسيپل چيئرمين سانچو:Ill[3]
پکيڙ[4][5]
 • ميونسپلٽي 6,341 ڪ.م2 (2,448 ميل2)
 • آبي 697 ڪ.م2 (269 ميل2)
 • شھري (2018)[6] 4,000 ڪ.م2 (1,550 ميل2)
بلندي 4 ميل (13 ft)
بلند ترین  پیمائش (شيشان ٽڪري) 118 ميل (387 ft)
آبادي (2019)[7]
 • ميونسپلٽي 26,317,000
 •  ڪاٿو

  2020

27,058,000
شنگھائي
عام چيني ٻولي ۾ لکيل لفظ شنگھائي
چیني 上海
لغوي معنیٰ "سمنڊ مٿان"

حوالا سنواريو

  1. "The Shanghainese of 6000 Years Ago – the Majiabang Culture". Shanghai Qingpu Museum. وقت 4 January 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 July 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. (ٻولي ۾ Chinese). Government of Shanghai https://web.archive.org/web/20160305192548/http://www.shtong.gov.cn/node2/node70393/node70403/node83902/node83904/userobject1ai121430.html. وقت 5 March 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 November 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  3. (zh-CN ۾). Xinhua. 27 January 2018. http://www.xinhuanet.com/2018-01/27/c_1122325601.htm. 
  4. "Doing Business in China – Survey". Ministry Of Commerce of the People's Republic of China. وقت 26 May 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 August 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "Land Area". Basic Facts. Shanghai Municipal People's Government. وقت 3 October 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 July 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. Cox, W. (2018). Demographia World Urban Areas. 14th Annual Edition. St. Louis: Demographia. p. 22. http://www.demographia.com/db-worldua.pdf. Retrieved 15 June 2018. 
  7. 7.0 7.1 tjj.sh.gov.cn (ٻولي ۾ Chinese). Shanghai Municipal Statistics Bureau https://web.archive.org/web/20200324022952/http://tjj.sh.gov.cn/html/sjfb/202003/1004509.html. وقت 24 March 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 March 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  8. "Subnational Human Development Index". Global Data Lab China. حاصل ڪيل 9 April 2020.