شنڪانشين (جاپاني: 新幹線؛ لٽريري معنيٰ:  نئين ٽرنڪ لائن)، انگريزيءَ ۾ بلٽ ٽرين جي نالي سان مشهور آهي، جاپان ۾ تيز رفتار ريلوي لائينن جو هڪ نيٽ ورڪ آهي. اهو شروعاتي طور تي دور دراز جاپاني علائقن کي، معاشي ترقي ۾ مدد ڏيڻ لاءِ، راڄڌاني، ٽوڪيو سان ڳنڍڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو. ڊگھي فاصلي جي سفر کان ٻاهر، سڀ کان وڏي ميٽروپوليٽن علائقن جي چوڌاري ڪجهه حصا هڪ مسافر ريل نيٽ ورڪ طور استعمال ڪيا ويا آهن.[1] [2] اها جاپان ريلوي جي تعمير، ٽرانسپورٽ ۽ ٽيڪنالاجي ايجنسي جي ملڪيت آهي ۽ پنجن جاپان ريلوي گروپ ڪمپنين پاران هلندڙ آهي.

جاپان ريلوي اوڀر ۾ آڪٽوبر، 2012ع ۾ شنڪانشين ٽرينن جي لائن.
جاپان ريلوي اولهه ۾ آڪٽوبر، 2008ع ۾ شنڪانشين ٽرينن جي لائن.
شنڪانسين لائينن جو نقشو (مئي 2024ع تائين، ھاڪاتامني لائن ۽ گالا-يوزاوا لائن جي توسيع کانسواءِ). نيشي-ڪيوشو شنڪنسن جو سيڪشن تاڪيو-اونسن جي اولهه طرف GCT ڊولپمينٽ جي معطلي جي ڪري روايتي ايڪسپريس ٽرينن سان ڪراس-پليٽفارم انٽرچنج استعمال ڪري ٿو.

سال 1964ع ۾ ٽوڪيدو شنڪانسين (515.4 ڪلوميٽر، 320.3 ميل) سان شروع ٿي، [3] نيٽ ورڪ 2,951.3 ڪلوميٽر (1,833.9 ميل) لائينن تي مشتمل وڌو، جنهن جي وڌ ۾ وڌ رفتار 260-320 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (160.520 ميل في ڪلاڪ) آهي. 130 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (80 ميل في ڪلاڪ) جي وڌ ۾ وڌ رفتار سان مني-شنڪانشين 176.2 ميل لائينون ۽ 10.3 ڪلوميٽر (6.4 ميل) اسپور لائينون شنڪانسن سروسز سان آهن.[4] نيٽ ورڪ هونشو ۽ ڪيوشو جي ٻيٽن تي اڪثر وڏن شهرن کي ڳنڍيندو آهي ۽ هوڪيدو جي اتر واري ٻيٽ تي هاڪوڊٽ سان ڳنڍيندو آهي. ساپورو تائين هڪ توسيع تعمير هيٺ آهي ۽ مارچ 2031ع ۾ کولڻ جو شيڊول آهي.[5] وڌ ۾ وڌ آپريٽنگ اسپيڊ 320 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (200 ميل في ڪلاڪ) آهي (ٽوهوڪو شنڪانشين جي 387.5 ڪلوميٽر (241 ميل) حصي تي.[6] سال 1996ع ۾ روايتي ريل لاءِ ٽيسٽ رننگ 443 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (275 ميل في ڪلاڪ) تائين پهتيون آهن ۽ اپريل 2015ع ۾ ايس سي ميگليو (SCMaglev) ٽرينن لاءِ عالمي رڪارڊ 603 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (375 ميل في ڪلاڪ) تائين پهتو آهي.[7]

اصل توڪيدو شنڪانشين، جاپان جي ٽن وڏن شهرن؛ ٽوڪيو، ناگويا ۽ اوساڪا کي ڳنڍيندڙ، دنيا جي مصروف ترين تيز رفتار ريل لائينن مان هڪ آهي. مارچ 2017ع کان اڳ واري هڪ سال جي عرصي ۾ هن 15 ڪروڙ 90 لک مسافرن کي کنيو[8] ۽ ڇهن ڏهاڪن کان وڌيڪ ان جي افتتاح کان وٺي، هن ڇهه ارب 40 ڪروڙ کان وڌيڪ مسافرن کي ٽرانسپورٽ ڪيو آهي.[9] چوٽيءَ جي وقتن تي، لائين هر طرف 16 ٽرينون في ڪلاڪ تائين پهچندي آهي هر هڪ ۾ 16 ڪارون (1,323 سيٽن جي گنجائش ۽ ڪڏهن ڪڏهن اضافي بيٺل مسافر) ٽرينن جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن منٽن جي هيڊ وي سان کڻندي آهي.[10]

سال 2011ع تائين جاپان جي شنڪانشين نيٽ ورڪ وٽ ڪنهن به تيز رفتار ريل نيٽ ورڪ جي ڀيٽ ۾ 2007ع ۾ سڀ کان وڌيڪ سالياني مسافرن جي سواري (وڌ ۾ 35 ڪروڙ 30 لک) هئي، جڏهن چيني تيز رفتار ريلوي نيٽ ورڪ ان کي هر سال 37 ڪروڙ مسافرن (2 ارب 90 ڪروڙ مسافر سالياني 2023ع ۾) تائين پهچايو ۽ ان کان مٿي ٿي ويو.[11]

اصطلاح

سنواريو

ٽيڪنالاجي

سنواريو

لائنون

سنواريو

خدمتون

سنواريو

ٽرين جا قسم

سنواريو

رڪارڊ رفتار

سنواريو

اعتبار

سنواريو

سواريون

سنواريو

مستقبل

سنواريو

هوائي جهاز سان مقابلو

سنواريو

جاپان کان ٻاهر

سنواريو

پڻ ڏسو

سنواريو

ٻاهريان ڳنڍڻا

سنواريو
  1. Joe Pinker (6 October 2014). "What 50 Years of Bullet Trains Have Done for Japan". The Atlantic (The Atlantic Monthly Group). https://www.theatlantic.com/business/archive/2014/10/what-50-years-of-bullet-trainss-have-done-for-japan/381143/. 
  2. Philip Brasor and Masako Tsubuku (30 September 2014). "How the Shinkansen bullet train made Tokyo into the monster it is today". The Guardian (Guardian News and Media Limited). https://www.theguardian.com/cities/2014/sep/30/-sp-shinkansen-bullet-train-tokyo-rail-japan-50-years. 
  3. "About the Shinkansen". global.jr-central.co.jp. Central Japan Railway Company. وقت 5 July 2022 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 June 2021.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. "About the Shinkansen". global.jr-central.co.jp. Central Japan Railway Company. وقت 5 July 2022 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 June 2021.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. Sato, Yoshihiko. "Hokkaido Shinkansen prepares for launch". International Railway Journal. Simmons-Boardman Publishing Inc. حاصل ڪيل 6 April 2016. 
  6. "Tohoku Shinkansen Speed Increase: Phased speed increase after the extension to Shin-Aomori Station". jreast.co.jp. East Japan Railway Company. وقت 2 November 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 May 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. "Japan's maglev train breaks world speed record with 600 km/h test run". The Guardian. United Kingdom: Guardian News and Media Limited. وقت 18 June 2022 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 21 April 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. Central Japan Railway Company Annual Report 2017 (PDF) (Report). Central Japan Railway Company. صفحو. 23. وقت 2018-01-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 April 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  9. "About the Shinkansen". global.jr-central.co.jp. Central Japan Railway Company. وقت 5 July 2022 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 June 2021.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  10. "JR Central Annual Report 2019" (PDF). وقت 16 November 2020 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2021-04-18.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. "2024年中国高铁行业研究报告 - 21经济网". www.21jingji.com. حاصل ڪيل 2024-07-28.