محمد دائود عرف شمشاد ولد دريا خان ڀائل ,1928ع ۾ ديهه ڀالڪي تعلقو ميرپور ساڪرو ضلع ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.سندس والد پوليس کاتي ۾ جمعداري جي عهدي تي فائز هو.هن ننڍڙي شمشاد کي 1933ع ڌاري ميرپور ساڪري کان وٺي اچي منگهو پير ڪراچي ۾ سندس نگراني هيٺ حافظ پير محمد عرف" پيرو مڪراني" جي مدرسي ۾ داخل ڪرايائين.جتي شمشاد عربي ,فارسي,سنڌي ۽ قرآن شريف پورو ڪري,1942ع ڌاري سنڌي فائنل جو امتحان ماهر تعليم "پيرو مڪراني" وٽ اول نمبر ۾ پاس ڪيو.ان کان پوء واپس موٽي ميرپور ساڪري ۾ پنهنجي اباڻي گهر آيو.ستت ئي کيس پرائمري ماستري ملي وئي.سندس پهرين اسڪول پرائمري اسڪول گل حسن سمون ۾ دخلڪار ٿيو,جيڪو شهر ميرپور ساڪري کان اولهه طرف تقريبن16,15 ڪلوميٽر سمنڊ جي ڪناري تي اڄ به موجود آهي.ان کانپوء صابو خان گبول,عثمان شاه گورنمنٽ پرائمري مين اسڪول ميرپور ساڪرو ۾ محمد خان مجيديء وٽ اسسٽنٽ ماستر ٿي رهيو.ڪجهه عرصي کانپوء کيس تعلقي ماستري ملي وئي,ان دور ۾ سڄي تعلقي جي استادن جون پگهارون 13000 تيرهن هزار هيون ,جيڪي هن وقت ڪروڙن ۾ آهن .سندس هوشياري ۽ شاعري ملڪان ملڪ مشهور ٿي وئي ,بقول شمشاد جي ته:

ڪري ٿي حضرت انسان کي خونخوار مجبوري,

گدڙ وٽ ٿي ڪرائي, گرگ کان بيگار مجبوري.


اوچتو سندس دوستي ڪنهن دنيا جي لالچي شخص سان ٿي ,جنهن جي گمراه ڪندڙ مشورن کيس وڏي حادثي سان دوچار ڪري وڌو ۽ کيس نوڪريء تان به هٿ ڌوئڻا پيا ۽ هن تڪليفن جي گهڻي عرصي بعد آخرڪار گولاڙچيء کان ڏکڻ طرف احمد راڄو ۾ ڌانڌلن جي ڳوٺ ۾ رمضان واڍي وٽ رهڻ لڳو.اتي هارپو ڪيائين.

سورنهن سال رهڻ کانپوء وري ميرپور ساڪرو موٽي آيو.شاعريء ۾ پنهنجو استاد رشيد احمد لاشاري کي تسليم ڪندو هو.سڄي عمر بي وسيء واري زندگي گذاريائين.سندس سمورو ڪلام ڪکائن گهرن کي اوچتو باه لڳڻ ڪري سڙي رک ٿي ويو.2007ع ۾ هن فاني دنيا کي الوداع چئي,حقيقي دنيا ڏانهن روانو ٿي ويو.

شمشاد ساڪرائي ڪهنه مشق ۽ استاد شاعر هو.نهايت سادو ۽ ذهين هو,سندس شاعري جادو جي مثال هئي.سندس خوشخطي پڻ موتيء جي مثل هئي .شمشاد ساڪرائيء جي دور ۾ طرحي مشاعرا وڏي اوج تي هوندا هئا,پري پري کان شاعر اچي شرڪت ڪندا هئا.بزم ادب ميرپور ساڪري جو جنرل سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو, ۽ نون شاعرن جي اصلاح پڻ ڪندا هئا.سندس دور جي شاعرن جا ڪجهه نالا پيش ڪجن ٿا,جيڪي سندن ڪوٺايل طرحي مشاعرن ۾ اڪثر شريڪ ٿيندا هئا:

معمور يوسفاڻي عمرڪوٽ,عاجز علي محمد مغل ساڪرائي,عبدالله خان گبول "اسلم ساڪرائي",محمد خان مجيدي,بادل ساڪرائي,ثابت علي شاه "ثابت "پٿورو,علي محمد مجروح ,پير محمد پياسي,محمد عالم شورو خانپور,حافظ صدائي پير جهنڊو,علي محمد "طوفان "ساڪرائي,نگار ساڪرائي,محمد هاشم" لهر",حاجي حقير مڱڻ ٽنڊو قيصر,يوسف خاموش ٺٽو,محمد سومار سيلاني گهوڙا ٻاري,عبدالله شرر ڪراچي,ميوو خان موج لغاري,عبدالرحيم "ملازم "ساڪرائي,نياز علي شاه محسن ڪڪڙائي,محمد علي مفتون,عبدالله "همدم " دادو وغيره.هي سڀ شاعر ميرپور ساڪري ۾ اچي طرحي مشاعرن ۾ شرڪت ڪندا هئا ۽ ساڻن دوستانه تعلق هئو.سندس ڪلام جو نمونو هي آهي:

ڪري ٿي حضرت انسان کي خونخوار مجبوري,

ڪري ٿي خودڪشيء لئه,ڪيترا لاچار مجبوري.


مصيبت شال مجبوريء تي ,ڪا نازل خدا جي ٿئي,

خدا سان جا بغاوت لئه, ڪري تيار مجبوري.


حڪومت جنهن جي تنهن جي هاڪ ,هوڪو حڪم سڀ ان جو,

گدڙ وٽ ٿي ڪرائي , گرگ کان بيگار مجبوري.


ٻئي اهل چمن,جان چمن, ۽ هم نشين آهن,

مگر هو گل ٿيو هن کي,بنائي خار مجبوري.


مثال چشم ,آهو باغ ۾ , بيداد آهي پر,

ڪري بي نور نرگس کي ڪيو بيمار مجبوري.


ملي ٿي چنڊ کي سج کان ,تپش ۽ روشني ليڪن,

هلائي راه هڪڙيء تان ,ٻنهين کي ڌار مجبوري.


جو هو محڪوم,سو حاڪم , ۽ حاڪم حڪم جو بندو,

ڪري ٿي ڪيترا سردار , بر سردار مجبوري.


ڪڏهن ايران جو ريڍار ,نادر شاه ٿي نڪتو,

ڪڏهن افغان جي شاه کي,ڪري پينار مجبوري.


ڪڏهن ٿي ساڪري ۾ ,گونجيا شمشاد جا نغما,

چوائي زير لب تنهن کان,ٿي اشعار مجبوري.

(مهراڻ رسالو 2020/4ع تان ورتل)