شمارياتي تخمينو

شمارياتي تخمينو: شمارياتي اڳڪٿي: Statistical inference:

نکن اکرن جي علم جي استعمال مان ٻيو مکي مقصد آهي گڏ ڪيل مواد جي مدد سان نتيجي بابت تخمينو لڳائڻ (Infernce). اهڙي نتيجي لاءِ به مواد نقش فهرستن، خاڪن جي مدد سان گڏ ڪيو ويندو آهي. هن قسم جي تحقيق ۾ جيترو مواد گهڻو هوندو آهي يا جيترا گهڻا مثال هوندا آهن اوترو تحقيق صحيح ۽ نتيجو برابر ايندو آهي. اهڙي طرح مثالي عددن کي تخمينو دوران مختصر ڪرڻ ۾ به انگن اکرن (Statistics) جي ضرورت هوندي آهي. هن قسم جي تحقيق تجربي گاهن ۾ گڏ ڪيل معلومات جهڙوڪ ڪنهن پيمائشي معلومات، نفسيات جي ماهرن جي گڏ ڪيل ڪنهن انساني مسئلي بابت معلومات، مشاهدي ۾ آيل معلومات يا قدرتي نظارن بابت گڏ ڪيل معلومات بابت هوندي آهي، جنهن جو نتيجو انهن ڳالهين بابت اڳڪٿي يا تخمينو (Inference) هوندو آهي. اهڙي نتيجي لاءِ انگن اکرن وارو تحقيق جو طريقو ضروري هوندو آهي، جنهن ڪري نتيجو صحيح ۽ ٿوري محنت سان نڪري اچي ٿو.
هن قسم جي تحقيق مان هيٺيان فائدا ٿين ٿا:
1- نتيجي يا مواد بابت مليل معلومات صحيح ۽ برابر هوندي آهي جنهن ڪري تحقيق ۾ پيش ايندڙ مونجھارا ختم ٿيو وڃن.
2- هي طريقو تمام آسان ۽ ٿوري محنت وٺي ٿو ۽ تحقيق کي صحيح رخ تي آڻي ٿو.
3- مواد مان مليل معلومات بلڪل مختصر هوندي آهي جنهن ڪري نتيجو ڪڍڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.
4- هن طريقي جي مدد سان ڪوبه تخمينو آساني سان لڳائي سگھجي ٿو ۽ ڪابه پيشن گوئي ڪري سگھجي ٿي.
5- ڪنهن مشڪل کان مشڪل مسئلي کي حل ڪري نتيجو صحيح ڪڍي سگھجي ٿو.
6- هن قسم جي تحقيق ۾ شخصي آزمودن کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو.
7- ڪنهن رٿا کي تيار ڪرڻ لاءِ انگ اکر گڏ ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪنهن ڳالهه جي حقيقت کي ظاهر ڪري سگھجي ٿو.
[1]

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}