ڪشمور ضلعي جو شاگرد اڳواڻ جنهن پنهنجي شاگرد سياست جي شروعات پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذيلي تنظيم انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن تان سنه 2009 کان ڪئي ۽ اپريل 2012ع ۾ هو انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ضلعي ڪشمور جو ضلعِي صدر بڻيو . شفيق باجڪاڻي ڪشمور ضلعي جي شاگردن جي حقن، غريب شاگردن جي مالي سهائتا، علمي پروگرام، تعليم جي بهتري ۽ ضلعي ڪشمور جي سڀني شاگردن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ خاطر 2017, 21 جنوري تي ڪشمور اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد رکيو.