شعار جي معني نشاني يا علامت آهي. ھر اھا شئي جيڪا ڪنھن مسلڪ يا عقيدي يا طرز فڪر ۽ عمل يا ڪنھن نظام جي نمائندگي ڪري اھا ان جو شعار سڏبي آھي ڇوتہ اھا ان جي علامت يا نشاني جو ڪم ڪندي آهي. سرڪاري جهنڊا، فوج ۽ پوليس وغيره جا يونيفارم، سڪا، نوٽ، ٽڪليون وغيره حڪومتي شعار ھوندا آھن. ۽ اھي پنھنجي محڪمن سان، بلڪہ جن جن تي ان جو زور ھلي سڀني کان انهن نشانين جي احترام جو مطالبو ڪندا آهن. گرجا، قربانگاھ ۽ صليب عيسائيت يا مسيحيت جا شعار آھن. چوٽي، زنار ۽ مندر برھمڻن جا شعار آھن. ڪيس، ڪڙو ۽ ڪرپان سک مذهب جا شعار آھن. ھٿوڙو ۽ ڏاٽو اشتراڪيت جا شعار آھن. سواستيڪا آريا نسل جو شعار آھن. اھي سڀ مسلڪ پنھنجي پوئلڳن کان پنھنجي شعارن جي احترام جي گهر ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪوئي ڪنھن نظام جي شعار جي توھين ڪري ٿو تہ ان جو مطلب آهي تہ اھو ان نظام جي خلاف دشمني رکي ٿو ۽ اھو توھين ڪندڙ خود ان ئي نظام سان تعلق رکندڙ آهي تہ ان جو اھو فعل پنھنجي نظام کان ارتداد ۽ بغاوت جي مترادف آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. تفھيم القرآن، جلد اول، ابوالاعليٰ مودودي، اداره ترجمان القرآن، لاھور. ڇاپو 35 مارچ 2003ع، صہ:439