شرناءِ
شرناءِ(انگريزي: Shehnai )سنڌ جو قديم ساز آهي جيڪو شادي يا خوشي جي ٻين موقعن تي وڄايو ويندو آهي. شرناءِ ٻٻر جي پراڻي ڪاٺ مان جوڙي ويندي آهي ۽ ڪنگور جي پتي سان وڄائي ويندي آهي. شرناءِ ۾ مٿان سڌا اٺ سوراخ ۽ نائون سوراخ هيٺ ٿئي ٿو، جيڪو ‘ٻاٻيهو’ سڏجي ٿو. شرناءِ ڪک کان وڄندي آهي. ‘ڪک’ واري جاءِ اڪثر ڪري ٽڪنڊي ٿئي ٿي جتي ڪوڙي ڪنگور جي توتري وجهبي آهي جنهن کي زور سان ڦوڪ ڏبي آهي ته شرناءِ وڄندي آهي. انهيءَ ڪک جي مٿان ريشم يا ڪپھ جو چارو ٻڌبو آهي ته جيئن ڪک سوگهو رهي. ڪک وري ڪنهن چپر ذريعي نليءَ سان اٽڪيل ٿئي ٿو، جيڪا ڪنهن هڏيءَ جي جُڙيل هوندي آهي. اها گول ۽ سنهي ٿئي جنهن کي چپن ۾ جهلي، اتان ڦوڪ ڏبي آهي. ڪک ۽ چپر وري هڪ نليءَ سان ڳنڍيل هوندا آهن. اها ‘توتاريءَ جو آواز’ آواز واري خول ۾ پهچائي ٿي جنهن کي ‘ناري’ سڏن ٿا. جڏهن ته شرناءِ جي اٺن سوراخن کي ‘تارا’ ۽ هيٺئين سوراخ کي ٻاٻيهو سڏن ٿا. شرناءِ ۾ گول توتاري جهڙو منهن ٿئي ٿو جنهن منجهان آواز نڪري ٿو. گول توتاري کي ڳانن ۽ ڌاڳن سان سينگاريندا آهن.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ "شرناءِ شرنائي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-24.