شرم ٻوٽي
شرم ٻوٽي (Mimosa) هيءَ ٻوٽي جنهن کي شرم ٻوٽي به چوندا آهن، سا باغن ۾ عام آهي. دکني ٻوليءَ ۾ لاجائو يا لاجاري، اردو/هندي ۾ ڇُئُي مئي چوندا اٿس، يعني جا ڇُهڻ سان مري، چونس ٿا. انگريزي رواجي نالو ٽَچ مي ناٽ (يعني متان مون کي ڇهين) ۽ سينسيٽيو پلانٽ (يعني اوڀڙ جنهن کي هٿ لائڻ سان خبر پوي) اٿس.
شرم ٻوٽي | |
---|---|
Mimosa pudica showing flower head and leaves | |
سائنسي درجا بندي | |
ڪنگڊم: | Plantae |
(unranked): | Angiosperms |
(unranked): | Eudicots |
(unranked): | Rosids |
ترتيب: | Fabales |
خاندان: | Fabaceae |
ذيلي خاندان: | Caesalpinioideae[1] |
(unranked): | Mimosoid clade[1] |
نسل: | Mimosa |
جنس: | M. pudica |
حياتياتي نالو | |
Mimosa pudica L.[2] |
هن جا پن سنهڙا ٿيندا آهن. هي ول جهڙو ننڍو ٻوڙو آهي. ننڍڙا گلابي رنگ جا گل ڪندو آهي ۽ هميشھ گل ٿيندا رهندا اٿس. ٻج گهڻو پيدا ڪندو آهي جو پوکڻ ۾ ايندو آهي. انهيءَ جي خاصيت اها آهي ته هٿ لڳندس ته پن توڙي سنهڙيون ٽاريون ڪومائجي لڙڪي پونديون. ٿوري کان پوءِ وري اٿنديون ۽ کڙيون ٿي بيهنديون. هن جا چار پنج قسم آهن.[3]
طب
سنواريوشرم ٻوٽي (نالا: ع. لجالو، ف. درخت مها، هه. وغيره___ ڇوئي موئي، طرشولي ۽ لاجونتي.)
اثر: سرد تر 2، نقصان: ٻرهل کي، ميل: ماکي، عيوض: ___-، وزن: ٻه ماسا.
سڃاڻپ: مشهور ننڍو ٻوٽو آهي، جيڪو باغن ۽ پاڻيءَ جي جاين تي پيدا ٿيندو آهي. هن جا پن ٻٻر جي پنن جهڙا ٿيندا آهن، هن کي هٿ لائبو ته يڪدم ڪومائجي ويندي.
خاصيت: گهوٽي پيارڻ سان حيض جاري ٿيندو. مئل ٻار پيٽ مان نڪري ايندو. بلغم ۽ سودا کي پچائي، دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندو، جگر جي سدن، جذام، آتشڪ، داءِ الفيل، ناسورن ۽ پراڻن ڦٽن لاءِ مفيد آهي.[4]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 The Legume Phylogeny Working Group (LPWG). (2017). "A new subfamily classification of the Leguminosae based on a taxonomically comprehensive phylogeny". Taxon 66 (1): 44–77. doi:. http://www.ingentaconnect.com/contentone/iapt/tax/2017/00000066/00000001/art00004.
- ↑ سانچو:GRIN
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: 1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو