شاھ صدرالدين خطيب

شاه صدر الدين خطيب شاهه صدرالدين خطيب جي تربت بکر جي قلعي اندر اوڀرندي طرف چوديواري اندر آهي. تربت عقيدت مندن لاءِ مشهور زيارت گاه آهي. سندن وعظ جي مٺي آواز ۾ اهڙو تاثير هو، جو گهڻن ئي گمراهن کي صراط المستقيم تي ڇڪي آندائون ان ڪري خطيب جي لقب سان مشهور آهن. مزار جي ٻاهر هڪ گدامڙيءَ جو وڻ آهي، جنهن لاءِ روايت آهي ته حضرت قلندر لعل شهباز رح، ملتان کان سيوهڻ ڏانهن ويندي، ڪجهه وقت هتي قيام فرمائي اهو وڻ هنيو هو. در گاه لڳ هڪ باؤلي (کوه) به آهي؛ جو گهڻو عرصو پوريل هو پوءِ قيام پاڪستان بعد هڪ درويش اهو هنڌ معلوم ڪري کوه ڳولي لڌو. سکر جي هڪ پنجابي مهاجر حلوائي درگاه اندر لوهه جي ڄاريءَ جو ڪٽهڙو هڻائي گلن ۽ ٻوٽين جو انتظام ڪيو آهي</ref>.[1].

شاھ صدرالدين
خطيب
وفات بکر
مدفن بکر جو قلعو
رھائش بکر، سنڌ
ماءُپيءُ سيد محمد مڪي

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ