شاھجھاني مسجد ٺٽو
مسجد شاهجهاني، هن مسجد جي مسقف حصن ۽ ان جي گنبذن اندران ٽائيلس جو جيڪو خوبصورت ڪم ڪيو ويو آهي، اهو اسلامي فنڪاريءَ جي تمام اوچن چند نمونن مان هڪ آهي.مسجد جو اوڀاريون ۽ اولاهيون حصو ڇت هيٺ آهن، جنهن تي ٽي وڏا گنبذ مرڪزي آهن. اتر ۽ اولهه جي ديوارن سان پڻ ڇتائيون رواق آهي، جيڪو غالباً مدرسن جي مقصد لاءِ ٺاهيو ويو آهي. ٻيئي رواق ونگن تي آهن ۽ متعدد ونگون هرڪ رواق هيٺان آهن. مسجد جو رقب 305x170 فوٽ آهي. وچ ۾ تمام ڪشادع صحن آهي، جنهن ۾ هڪ وقت ۾ ئي ٽي هزار عبادتگذار، نماز پڙهي سگهن ٿا. رواقن مٿان، ننڍا ننڍا جملي 92 گنبذ آهن.
محڪمـﮧ آثار قديمـﮧ جي رپورٽ (نمبر 8- طبع بمبئي 1879ع) مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ مسجد تي شاهجهاني دؤر جا نَوَ لک رپيا خرچ ٿيو هو. مسجد جي ڪرسي پٿر جي آهي، ۽ باقي عمارت ننڍين سرن جي آهي. اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ کان دروازو آهي، ۽ اوڀارين مسقف عمارت جي ڏاکڻيءَ ڪنڊ کان پڻ هڪ ننڍو دروازو آهي، جنهن مان نڪري اميرخاني محلي ۾ داخل ٿجي ٿو. مسجد جي ٻنهي ڇتائن عمارتن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وچ تي هڪٻئي جي سامهون عاليشان ۽ بلند ونگن تي دروازا آهن، اتريون ۽ ڏاکڻيون رواق ٻاهر کليل آهي ۽ دروازن جي بجاءِ منجهس ٺل آهن.
انهيءَ جامع جي داخلي دروازي اڳيان ڏکڻ کان جيڪو ڪشادو ميدان پيو آهي، انهيءَ ۾ ٺٽي جو ”قلعـﮧ حاڪم نشين“ هو، ۽ مسجد خود غالباً ڀائي خان جي محلي ۾ هئي. اوڀر کان مير احمد بيگ جو محلو هو، جنهن جاءِ تي بعد ۾ امير ابوالبقا امير خان پنهنجو محلو آباد ڪيو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. اهو مسجد وارو علائقو، شهر جو مرڪزي ۽ اهم حصو هو، ڇاڪاڻ ته ارغوني دؤر کان وٺي مغل نوابن تائين، بادشاهه، حاڪم ۽ انهن جا امير امراءَ انهيءَ ايراضيءَ ۾ رهندا هئا. شهر خواه سنڌ جي سياست انهيءَ ايراضيءَ ۾ فيصل ٿيندي هئي. انهيءَ حصي ۾ مغلن جا فرمان پهچندا هئا، ۽ انهيءَ حصي مان ملڪ تي حڪم صادر ٿيندا هئا. لٽ مار، ڦر ڌاڙي، قتل ۽ غارتگريءَ جا واقعات، جيڪي ٺٽي شهر خواه ملڪ ۾ ڌارين حڪامن ڪرايا، تن سڀني جو منبع شهر جو اهو حصو هو، ۽ اهو ئي شهر جو حصو اڄ برباد ۽ ويران آهي_ اهي آهن خدا جي قدرت جا رنگارنگي کيل!
اها مسجد، شاهجهان بادشاھ ٺهرائي، مسجد ۾ ڪتبا هيٺينءَ ريت آهن، جن مان مختلف تاريخن جو پتو پوي ٿو.
اولهائين، ڇتائين عمارت جي داخلي دروازي تي، ٻاهران ٽن ڪنارن تي، بخط ثلث:
- ”لقد صدقالله رسولـﮧ الرؤيا_ تا_ مغفرة و اجرا عظيما_ کتبـﮧ سيد علي بن عبدالقدوس 11044هه“.
- ”اقم الصلواة_ تا_ زهوقا_ مشقـﮧ العبدالفقير بنڀو بن حسن.“
انهيءَ حصي جي وڏي مرڪزي گنبذ هيٺان عمارت مثمن آهي، انهيءَ مثمن جي پاسن تي بخط ثلث هي ڪتبو آهي:
- ”سب مان الذي اسرا_ تا_ عذابا اليما_ ڪتبـﮧ فقير طاهر بن حسن ڪاتب“.
اوڀاري عمات ۾ اندر، داخلي دروازي جي ڏاکڻي پاسي کان هي ڪتبو ٽن پٿر جي ٽڪرن تي آهي:
- بادشاه زمانـﮧ شاه جهان جامعِ تتـﮧ دلکشا پرداخت
- مرتفع جامعي کـﮧ گنبد او سايـﮧ برقبـﮧ سما پرداخت
- خاصـﮧ بهرِ خداي ظل خدا خانـﮧ رحمت خدا پرداخت
- خوش جامع بحکم شاهجهان زبده آل مصطفيٰ پرداخت
- رضوي انتساب مير جلال کـﮧ وزارت ازو صفا پرداخت
- گشت فرشي کـﮧ سنگ آن ز صفا رشک جام جهان نما پرداخت
- ســــــال تعمير آن دبير خرد ”فرش مطبوع و دلکشا“ پرداخت
هيءُ ڪتبو عبدالله ڪاتب جو لکيل آهي، ۽ ان مان 1068ھ فرش هڻائڻ جو سال معلوم ٿئي ٿو، جيڪو مير سيد جلال رضويءَ وزير(؟) هڻايو. اهو سال شاهجهان جي حڪومت جو آخري سال هو. انهيءَ اوڀارين حصي ۾ طاق جي اندرئين طرف خط ثلث ۾ هي ڪتبو آهي:
- ”تبارک الزي نزل الفرقان_ تا_ انـﮧ غفورالرحيم. صدق الله، صدق الله اعلي العظيم_ شيخ محمد فاضل“ .
انهيءَ اوڀارين حصي جي داخلي دروازي جي ٻاهران هيٺيا ٻه ڪتبا دروازي جي ڏاکڻي ۽ اترئين پاسي کان پٿر جي ٻن سرن تي اڪريل آهن، ڏکڻ کان بخط نستعليق.
- چون ز صاحب قِران شاهجهان يافت ترتيب مسجد اعليٰ
اترئين طرف کان ٻن سٽن ۾ مٿئين ڪتبي وانگر:
- هاتفم گفت سال اتمامش ”گشت زيباچو مسجد: اقصيٰ“ 1057ھ مشقـﮧ عبدالغفور
ڏکڻ کان جيڪو رواق آهي، ان ۾ داخلي دروازي جي اولهائين طرف ٻئي نمبر ونگ جي مٿان هي ڪتبو آهي:
- نديده چشمِ فلڪ مسجدي بدين خوبي
- کـﮧ آمدند ملايک براي ديدن فيض
- بجستم از خرد و عقل سال تعميرش
- بديد، کرد اشارت کـﮧ ”هست معدنِ فيض“1054ھ
مسجد ۾ هن وقت ڪل اهي ڪتبـﮧ آهن، جن جا سال ترتيبوار هيٺينءَ طرح آهن: 1054، 1057، 1068، 1104_ محڪمه آثار قديمـﮧ وارن مٿين ڪتبن جي سالن مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته سال 1054ھ ۾ مسجد ٺهڻ شروع ٿي؛ 1057ھ ۾ جُڙي راس ٿي؛ شاهجهان جي آخري سال 1068ھ ۾ مير سيد جلال رضويءَ وزير (؟) فرش هڻايو، ۽ عالمگير جي پوئين دؤر ۾ 1104ھ ۾ مسجد ۾ ڪي ترميمون ٿيون.انگريزن پنهنجي دؤرِ حڪومت ۾ ان جي ٻه دفعا مرمت ڪرائي. پهروين دفعو سر بارٽل فريئر 1272ھ (1855ع) ۾ ، ۽ ٻيو دفعو مسٽر جيمس ڪمشنر 1311ھ (1894ع) ۾ ٿي(3). هن وقت تائين مسجد جي حالت بلڪل زبون ٿي چڪي هئي. مسجد آثار قديمـﮧ جي تحفظ ۾ آهي، ليڪن ان جي مرمت پي.ڊبليو.ڊي وارا ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري ان جي تاريخي ۽ تعميري روش خواهه خوبي ختم ٿي چڪي آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي؛ايڊشن 1981؛ پبلشر؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو