هيءَ حيدرآباد جي قديم ترين بازار (Oldest Market Place of Hyderabad) آهي. هيءَ بلڪل سڌي بازار آهي، جيڪا ڪلهوڙن جي دور ۾ قائم ٿي. پڪي قلعي جي مرڪزي دروازي، جنهن کي شاهي دروازو يا هاٿي در چيو ويندو هو، انهي جي بلڪل سامهون هي بازار 17 صديءَ جي شروع ۾ قائم ٿي. مٿس شاهي بازار نالو شاهي دروازي جي سامهون هئڻ ڪري پيو هو. غلام شاهه ڪلهوڙي بازار ۾ واپارين خاص ڪري گلن وارا، حلوائي، ڪپڙي وارا ۽ گهوڙن کي سنوارڻ سجائڻ جا ساز سامان وڪڻڻ وارا هٽ کولرايا.

ٽالپرن جي دور ۾ شاهي بازار جو اوج وڌي ويو. ٽالپرن جي زماني ۾ حيدرآباد ۾ ڪاروباري مرڪز هيءَ هنڌ ئي هو. جيئن جيئن دڪان وڌندا ويا بازار ڊگهي ٿيندي وئي ۽ شهر جي ٻي ڪنڊ تائين وڃي ڇيڙو ڪيائين. پوءِ هن بازار سان ننڍيون ننڍيون ٻيون بازارون گهٽين ۾ ٺهي ويون ۽ شاهي بازار پڪي قلعي کان نولراءِ مارڪيٽ، فقير جو پڙ، کاهي روڊ، ريشم گلي ۽ چوٽڪي گهٽيءَ تائين پکڙجي وئي. [1] [2]