شالپرڻي (نالا هندي: سري ون، سنسڪرت: سالپرني، بنگالي: شال پاني، انگريزي: Desmodium gangeticum) هي خوبصورت ٻوٽو آهي جو ٻہ ٽي هٿ اوچو اُسريل ٿئي ٿو، هن جي هر ٽاري تي ٽي ٽي پن هوندا آهن، جن تي وري ٽي ٽي ڪونگرا ٿين ٿا. سندس ٽاريءَ تي پشم ٿئي ٿي، جا ڪپڙي کي چنبڙي پوندي آهي.

رنگ ۾ ڪاٺي ڪاري ۽ پن گهرا سبز، مزاج سرد خشڪ، مقدار خوراڪ ٻہ تولا. ھن جي پيدائش ڪالڪا، شملي، ڪانگڙي ۽ ڪوه مري طرف ٿئي ٿو.

هن کي مقدس سمجهي پوڄا جي وقت ڪم آڻيندا آهن. ويدڪ ۾ هن کي ”دسمول“ جو هڪ حصو ليکيو وڃي ٿو (دسمول ۾ ڏهه دوائون پونديون آهن) شالپرڻي جي پاڙ جو ڪاڙهو بخرالانف (نڪ جو مرض جنهن ۾ نڪ مان بد بوءِ ايندي آهي (Qzena لاءِ مفيد آهي. هن جي پنجني انگن جو ڪاڙهو بگڙيل زڪام ۽ کنگھ ۾ آرام رسائي ٿو. چرائتي سان ڪاڙهي پيارجي تہ نوبتي بخار کي هٽائيندو.[1]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ.