شاردا سنھا

هندستاني راڳي

شاردا سنھا (انگريزي ٻولي: Sharda Sinha) ميٿلي ٻولي جي لوڪ ڳائڻي آھي. هيءَ ڀوجپوري ٻولي ۽ مگهئي ٻولي ۾ پڻ راڳ ڳائيندي آهي. ميٿلي ٻولي ۾ مشهور ڇٺ پوجا وارو گيت هو ديناناٿ سندس ئي ڳايل آهي. ڀارت جي سرڪار کيس 2018 واري جمهوريا ڏهاڙو جي موقعي تي رياست جو ٽيون وڏو شهري ايوارڊ پدم ڀوشن سان نوازيو.[2][3]

شاردا سنھا
پيدائش 1 آڪٽوبر 1952
Hulas, Raghopur, سپول ضلعو، بھار (ڀارت)[1]
رھائش بيگوسرائي، بھار (ڀارت)[حوالو گھربل]
پيشو ڳائڻي
سَرگَرمُ سالَ 1980–present
جيون ساٿي Dr.Brajkishore Sinha
اعزاز پدم ڀوشن

جيون ڪٿا سنواريو

شاردا سنها جو جنم ڀارت جي رياست بهار جي سپول ضلعو ۾ هولاس، رگهوپور ڳوٺ ۾ ٿيو.[1]

ڪيريئر سنواريو

هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ميٿلي گانن سان ڪئي. ميٿلي کانسواءِ هيءَ ڀوجپوري ۽ مگهائي ٻولين ۾ ڳائيندي آهي. راڳ لاءِ سندس خدمتن جي عيوضي ۾ هندستان جي حڪومت کيس پدم ڀوشن اعزاز سان نوازيو.[4] پرياگ سنگيت سميتي الهہ آباد ۾ بسنت مهوستسو کي آرگنائز ڪيو، جنهن ۾ پدم شري شاردا سنها بهار جي مُندَ جا لوڪ گيت ۽ گانا پيش ڪيا.[5][5] هيءَ درگا پوجا جي موقعي تي هر سال ڳائيندي آهي ۽ لوڪ گيت پيش ڪندي آهي.[6][7] هن وزيراعظم ماريشس نائين رام گولان جي بهار آمد جي موقعي تي پڻ پنهنجا گيت ڳايا.[8][9]

2010 ۾ پرگتي ميدان، نئي دهلي ۾ بهار اتسومي جي موقعي تي پڻ هن کي ڳائڻ جو موقعو مليو هيو.[10] هن بالي ووڊ کي پڻ پنهنجو سُريلو آواز ڏنو آهي. 1989 ۾ باليووڊ فلم مئين ني پيار ڪيا ۾ هن “ڪهي تو سي سجنا“ گانو ڳايو هيو. فلم (گينگز آف واسع پور-ٻئي) لاءِ هن “تار بجلي سي پتلي“ گانو ڳايو ۽ چار فوٽيا ڇوڪري فلم لاءِ “ڪون سي نگريا“ گانو کي پڻ پنهنجو آواز اَرپيو هيو.[11]

شاردا سنها ۽ ڇٽ سنواريو

شاردا سنها کي ماڻهو ڇٽ جي سبب ياد ڪندا آهن. ايئن پڻ چئجي تہ شاردا سنها ۽ ڇٽ کي هڪ ٻئي سان گڏ ياد ڪيو ويندو آهي. هن پاران 2016 ۾ اَٽڪل هڪ ئي ڏهاڪو کانپوءِ ڇٽ جي لاءِ ٻہ گانا ڳائي عقيدت مندن (فينز) جي دل خوشي سان ڀري ڇڏي هئي.[12] سندس پڇاڙڪو البم جيڪو مذهبي ۽ روحاني گيتن تي ٻڌل هيو، سو 2006 ۾ جاري (رليز) ٿيو هيو.[12]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 سانچو:Cite interview
  2. "Government announces recipients of 2018 Padma awards". دي ٽائمز آف انڊيا. حاصل ڪيل 26 جنوري 2018.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  3. "This Chhath Puja song is making people so nostalgic, they want to go home". دي انڊين ايڪسپريس. نومبر 4، 2016. http://indianexpress.com/article/trending/viral-videos-trending/this-chhath-puja-a-beautiful-song-is-making-people-nostalgic-and-beckoning-them-home-3737368/. Retrieved نومبر 28، 2016. 
  4. "Padma Awards" (PDF). Ministry of Home Affairs, Government of India. حاصل ڪيل 21 جولاءِ 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  5. 5.0 5.1 "of spring narrated through folk songs". دي ٽائمز آف انڊيا. مارچ 22، 2009. http://articles.timesofindia.indiatimes.com/2009-03-22/allahabad/28032377_1_folk-songs-sharda-sinha-spring. Retrieved اپريل 25، 2009. 
  6. Manisha Prakash (آڪٽوبر 4، 2003). "Music maestros add to Puja festivities". دي ٽائمز آف انڊيا. http://articles.timesofindia.indiatimes.com/2003-10-04/patna/27201095_1_folk-music-music-festival-musical-programmes. Retrieved اپريل 25، 2009. 
  7. "Puja euphoria reaches a crescendo". دي ٽائمز آف انڊيا. آڪٽوبر 4، 2003. http://articles.timesofindia.indiatimes.com/2003-10-04/delhi/27178913_1_durga-puja-pandal-celebration-mode. Retrieved اپريل 25، 2009. 
  8. Faizan Ahmad & Dipak Mishra (فيبروري 19، 2008). "Mauritius scholarship for two". دي ٽائمز آف انڊيا. http://articles.timesofindia.indiatimes.com/2008-02-19/patna/27747270_1_bihar-mauritius-r-s-gavai-cultural-festival. Retrieved اپريل 25، 2009. 
  9. "A new brand of music in Gangs Of Wasseypur series – Times of India". The Times of India. حاصل ڪيل 31 جنوري 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  10. "Sharda Sinha's performance at Bihar Utsav an instant hit". دي ٽائمز آف انڊيا. مارچ 28، 2010. http://articles.timesofindia.indiatimes.com/2010-03-28/patna/28147030_1_instant-sharda-sinha-ke. Retrieved مارچ 29، 2010. 
  11. Gangs of Wasseypur Part 2: Music Review, وقت 2013-01-03 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-03-01 
  12. 12.0 12.1 Amit Bhelari (نومبر 4، 2016). "Sweet and sour festive notes in the air – Sharda back with a bang after decade". دي ٽيلي گراف (ڀارت). http://www.telegraphindia.com/1161104/jsp/bihar/story_117234.jsp#۔WDwDAIVOLIU. Retrieved نومبر 28، 2016.