شارح
شارح (Interpreter) شرح لکندڙ، معنيٰ ۽ وضاحت ڪندڙ، مثال طور ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي شاھ لطيف جو شارح چيو ويندو آهي. هن ان ڏس ۾ ”روح رهاڻ“ ۽ ”مقدمہ لطيفي“ لکيا. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”سر سارنگ جي شرح“ لکي، رسول بخش ڏيري سُر يمن ڪلياڻ جي شرح لکي. اهڙي طرح شاھ جي رسالي جي ڪلياڻ آڏواڻيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻين عالمن شرح لکي آهي، ان ڪري کين ۽ اهڙي طرح ٻين شاعرن يا فلسفي جي فڪر جي تشريح ڪندڙن کي بہ شارح سڏيو ويندو آهي. [1]
حوالا
سنواريو- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.