سهو:

نالا: ع. ارنب، ف. خرگوش، هه. وغيره___ سها، گرهل، اغروس ۽ سي. پشمدار کل وارو، ٻليءَ جي قد تي اڪثر اڇي رنگ جو جانور آهي.

طب سنواريو

خاصيت: هن جو گوشت فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ لاءِ مفيد آهي. هن جون ڦولهڙيون پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي اُنهيءَ پاڻيءَ ۾ سنڌن جي سور، ۽ نقرس واري کي وِهنجارجي ۽ انهيءَ پاڻيءَ جي ٻاڦ ڪن جي سور، وهڻ ۽ ٻوڙاڻ کي فائدو ڪري ٿي. هن جو پِتُو زيتون جي تيل ۾ ملائي کارائجي ته دمڪشي ۽ کنگهه کي ڇڏائي ٿو. هن جي کل مان ٽوپي جوڙائي پائبي ته نزلي ۽ مٿي جي سور لاءِ مفيد آهي...[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو