سھاڳو (عربي: لحام الذهب، فارسي: تنڪار، ھندي/اردو وغيره: سھاگہ، بوره رندي ۽ ضحاڪ) کار جو هڪ قسم جبل جي پيدائش آهي، جيڪو اڇي رنگ تي اٽي ۽ ڳوڙهن ۾ ٻن قسمن جو ٿيندو آهي.

طب سنواريو

هن جو مرهم ڦٽن ۽ ڦرڙين، ناسور ۽ جن ڦٽن ۾ خراب گوشت پيدا ٿئي، موڪن، بواسير جي ڦٽن لاءِ مفيد آهي. هن جون گرڙيون ڏندن جو سور لاهي ڏندن ۽ مھارن کي مضبوط ڪن، ڪيڙن کي ماري. يرقان ۽ ٻرهل لاءِ مفيد آهي. ٻن تولن سھاڳي کي ليمن جي پاڻي اڌ پاءُ ۾ کرل ڪري لغدو تيار ڪري ان ۾ پارو هڪ تولو رکي گلحڪمت ڪري پنجن سيرن ڇيڻن جي باھ ڏجي تہ پارو ڦلي سفيد تيار ٿيندو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.