سھانجڙو
سُهانجڙو هيءُ ڀاڄين وانگي ڪو ٻوڙو يا ول نه ٿيندو آهي، پر وڏو درخت آهي. مگر جڏهن هن جون ڦريون يا گل ۽ ٻور ڀاڄيءَ وانگي ڪم ايندو آهي، تڏهن ان جو بيان هتي آندو ويو آهي: ڪٿي ڪٿي هن وڻ جون پاڙون به کائڻ ۾ اينديون آهن. ڦريون ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڪاڙهي يا رڌي کائبيون ته اَسپريگس جو سواد ايندو. هن جو ٻج جون يا جولاءِ ۾ پوکبو آهي. هن جو انگريزي قسم جنهن کي هارس راڊشِ سڏيندا آهن، سو هتي گهڻو پوکڻ ۾ نه ايندو آهي. هن جون پاڙون ٽُڪر ٽُڪر ڪري فوٽ کن هيٺ زمين ۾ پوري ڇڏيندا آهن، جو ورهه ٻن کان پوءِ نڪري ظاهر ٿيندو ۽ گونچ ڪڍندو؛ تڏهن کائڻ جي ڪم ۾ ايندو آهي. انهيءَ وچ ۾ پاڻي ڏيندا اٿس، ڀاڻ وجهندا اٿس.
سهانجڙي جون ڦريون هتي ڀاڄيءَ وانگي رڌي به کائبيون آهن ۽ آچار وانگي به سنڌبيون آهن. هن جو گل ۽ ٻور به ڀاڄيءَ وانگي ڪم اچي ٿو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو