سڱر
سڱر:
مارو ماڙهو ڪڏهن ڪڏهن ته ڪَنڊيءَ جي سڱرن کي به رڌي ڏاڍي چاهه سان کائين. جو به اڻهوند واري وقت کي چڱو نڀايو وڃي. ٻهراڙيءَ جون زالون ڇا ڪنديون آهن، جو ڪنڊي جا ڪچڙا ڪچڙا سڱر پٽي، انهن کي گوار وانگر پاڻيءَ ۾ اُٻارينديون آهن. پوءِ انهن کي اونڌي،پاڻي ڪڍي، پوءِ ڇا ڪنديون جو ديڳڙي ۾ گيهه ۽ ڇليل ٿوم وجهي، ٽڙڪائي ٽڙڪائي اُن ۾ کڻي وجهنديون اونڌيل سڱر، پوءِ ڏوئيءَ سان چٿي چِٿي، پوءِ لاهي رکندس هيٺ. پوءِ وڌائي ڏينديون وينديوون. انهيءَ نموني سان لُلر، مليرڙو، پلي ۽ سرنهن جو ساڳ وغيره به رڌين.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page4.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}