سڪندر خان کوسو

پاڪستاني شاعر ۽ سياستدان

مير سڪندر خان کوسو.

مير سڪندر خان کوسو
سڪندر خان کوسو

مير صاحب بلوچ قوم جي کوسہ قبيلي مان بکراڻي پاڙي جو فرد ھو. ھن جي ولادت 1916ع ۾ پنھنجي ڳوٺ بھادر پور ۾ ٿي سندن والد جو نالو مير بھادر خان ھو. 1857ع جي جنگ. آ زادي جو مجاھد مير دلمراد خان کوسو مرحوم مير صاحب جو ڏاڏو ھو. پاڻ جيڪب آباد ضلعي جي وڏي ۾ وڏي زميندارن مان ھو. ملڪ ۽ پنھنجي ضلعي اندر سياسي ، سماجي ۽ مالي حيثيت سان وڏو اثر و رسوخ رکندڙ شخصيت ھو.