سکدرشن (فارسي: گل حمص، بنگالي: ناگدنه، گجراتي: ناڪدمني، انگريزي: Crinam Latifolium) خوبصورت ٻوٽو آهي، جنھن کي باغن ۾ رونق وڌائڻ لاءِ لڳايو وڃي ٿو. هن جا پن ڪنوار ٻوٽي جئان ڊگها مگر ان کان سنها ٿين ٿا، پاڙ بصر وانگر ڪري ٿو. پن ڇنڻ سان رس ڇڏيندو آهي. هن جا ٻٽي قسم ٿين ٿا. رنگ ۾ زردي مائل سبز ۽ مزاج ۾ گرم ٿيندو آهي.

طب سنواريو

مقدار خوراڪ: ڇهہ ماسا.

خاصيت: هن جا پن ۽ پاڙ الٽي آڻيندڙ آهن، ڦٽن ۽ ڦرڙين تي ٻڌايا وڃن تہ انهن کي ڦاڙي يا نيسائي ٿو. آڱرين ۾ نڪرندڙ چـُـٺي لاءِ گهوٽي، ارنڊي جو تيل ملائي ٻڌجي تہ آرام اچي ٿو. هن جي پنن جي رس ٿوري گرم ڪري ڪن جي سور لاءِ ڪتب آندي وڃي تہ سور لھي وڃي ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.