سڀ کان خراب صورتحال جو جائزو

سڀ کان ڪِني يا خراب صورتحال جو جائزو يا وَرسٽ ڪيس ايناليسز (Worst Case Analysis) هڪ اهڙو اصطلاح آهي، جنهن جي ذريعي اُميد کان وانجهيل اهڙي صورتحال بيان ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ ٺيڪ ٿيڻ جا روايتي طريقا پنهنجو اثر وڃائي ويهن ۽ لاڳاپيل ڌُر ۾ نااُميدي ڇانئجي وڃي. هيءُ تصور سلامتي، فوجي مسئلن ۽ بچاءَ جي رٿابنديءَ ۾ ڏاڍي اهميت رکي ٿو ۽ دُشمن جي سخت برتريءَ مهل پيدا ٿيندڙ حالتن جو نقشو چٽيندي، ڪنهن به مُعاملي جي تفصيلي جائزي تي زور ڏيئي، ممڪن حل تجويز ڪري ٿو. ڪيترا سياستدان، فوجي جنرل ۽ آمر عوام آڏو منجهيل مسئلا ۽ صورتحالون تجزيي لاءِ اُڇلي، کانئن مُختلف ۽ ٻين مسئلن تي حمايت حاصل ڪري وٺندا آهن. هن اصطلاح کي ائٽمي هٿيارن جي حوالي سان به سُڃاتو وڃي ٿو. جنهن مطابق اها تصديق ٿيندي آهي ته ڪو به تجربو يا هٿيار اُهي گهربل معيار، صلاحيتون ۽ خاصيتون رکي ٿو، جيڪي کيس ڪاميابيءَ سان مقصد تائين رسائين. [1]

حوالا سنواريو