سڀيتا جا ساڪ (Epochs of Civilization) انسان ذات کي پيدا ٿئي ڪئين جڳ ٿي ويا آهن، پر سڄيءَ دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ جي اهڙي قديم تاريخ ڪانهي، جنهن مان پتو پئجي سگهي ته هر هڪ جڳ ۾ انهيءَ ملڪ جي تهذيب يا سڀيتا ڪهڙي هئي ۽ ان جو وقت بوقت واڌارو ڪيئن ٿيو- انهيءَ هوندي به سڀ ڪنهن ملڪ ۾ آڳاٽن ماڻهن پنهنجون ٿوريون گهڻيون نشانيون ڇڏيون آهن. جن جي اڀياس ڪرڻ سان (آرڪيالاجيڪل کاتي وارا تهذيب جي واڌاري جون منزلون يا سڀيتا جا ساڪ (Epochs of Civilization) پرجهي پروڙي سگهن ٿا. انهن منزلن جي گهڻي قدر پروڙ پٿرن ۽ ڌاتن مان ٺهيل اوزارن ۽ ٻين شين مان پوي ٿي، جي جدا جدا زمانن ۾ ماڻهو ڪم آڻيندا هئا. انهيءَ سبب انهن زمانن تي نالا ئي اهڙا رکيا اٿن. انهن مان پهريون آهي ”قديم هجري زمانو“ ۽ ٻيو ”نئون هجري زمانو“ (نئين پٿر وارو) زمانو جن جو ذڪر مٿي اڳي ئي ڪري آيا آهيون. انهن کانپوءِ اهو زمانو ليکجي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو ٽامو ڪم آڻڻ لڳا هئا. جنهنڪري اهو ”ٽامي وارو زمانو“ (Copper Age) سڏجي ٿو. ماڻهن پوءِ وڌيڪ ترقي ڪئي. ٽامو ۽ قلعي ملائي هڪ گاڏڙ ڌاتو ”برانز“ (Bronze) جوڙيندا هئا ۽ انهيءَ مان اوزار، باسڻ برتن وغيره ٺاهيندا هئا، تنهنڪري اهو ”برانز“ يعني ”ٽامي ۽ قلعي ميل وارو زمانو، (Bronze Age) سڏجي ٿو. انهيءَ کانپوءِ ماڻهو لوهه مارڻ سکيا، ته ڪڙا ڪنڍا، ڪپ، ڪاتيون، ڪهاڙا، ڪوڏريون، ڪرپان ۽ تلواريون وغيره جوڙڻ لڳا. اهو ”لوهه وارو زمانو“ (Iron Age) سڏجي ٿو. هن وقت اسين ”ڪلن جي زماني“ (Machine Age) ۾ آهيون. آگ گاڏيون ۽ آگبوٽ، ڪپڙن اُڻڻ ۽ سبڻ جون ڪلون، تيل پيڙڻ ۽ ڪپهه ٽاڻڻ جون ڪلون بلڪ وارن ڪترڻ جون مشينون به عام ٿي ويون آهن. هوائي جهاز، زير آبيون وغيره به هاڻوڪي زماني جون پيدائشون آهن ۽ ڄاڻائين ٿيون ته انسان ڪيئن ترقي ڪندو وڃي ٿو. [1]

حوالا سنواريو