سپر نووا (Supernova) اسانجي سج کان ڏهوڻ وڌيڪ ماس ڪميت وارن تارن جي ڦاٽڻ جي عمل کي چئبو آهي. سڀني تارن جي هڪ زوال جي عمر هوندي آهي، اهي پيدا ٿيندا آهن آخر ۾ ختم ٿي ويندا آهن. ننڍن سپر نووا تارن جي عمر گھڻي وڏي هوندي آهي، جڏهن تہ وڏن تارن جي عمر گھٽ. سج جي عمر اڃا پنج ارب سال آهي ۽ وڌيڪ پنج ارب سال کانپوءِ هي بہ ختم ٿي ويندو. هڪ تاري جي ختم ٿيڻ جو مطلب آهي انجو نيوڪليئر فيوزن وارو عمل رڪجي وڃڻ ۽ ان مان توانائي روشني نيڪال ٿيڻ بند ٿي وڃڻ. پنھنجي زندگي جي آخر ۾ سج پھريان گھڻو ڦهلبو ۽ پنھنجي فضا وڃائي ويهندو خالي انجي اندر واري قلب باقي رهجي ويندي، جيڪا جسامت ۾ اسانجي زمين برابر هوندي. ماهرن موجب سج سپر نووا جي موت نہ مرندو بلڪ اڇي بوني ۾ تبديل ٿي ويندو. جيڪي تارا سج کان گھڻا وڏا هوندا آهن انھن جي پڄاڻي گھڻي خراب هجي ٿي. ان عمل وقت اهو سج کان سو ارب وڌيڪ روشني نيڪال ڪندا آهن اهڙن تارن جي موت کي سپر نووا چئبو آهي.

ماضي ۾ اڄ کان هزار سال اڳ 1054ع چين جي هيت دانن پنھنجي ڪتابن ۾ آسمان تي هڪ اهڙي نئي تاري بابت لکيو آهي جيڪو گھڻو روشن ٿيو جيڪو صبح ٿيڻ تائين بہ کين نظر آيو ۽ ڪجهه هفتن تائين نظر ايندو رهيو پوءِ اهو ڏيک ختم ٿي ويو.

آسمان تي جنھن جڳھ جي انھن نشاهندي ڪئي هئي هاڻي اتي ڪريب نيبيولا Crab Nebula نظر ايندو آهي، جيڪا ڪنھن مئل تاري جي پڇاڙيءَ واري نشاني آهي. انجي ان مرڪز ۾ ٽيھ ڪلوميٽر وڏو هڪ مرڪز آهي جيڪو  Crab Pulsar چورائبو آهي اهو ھڪ نيوٽران تارو آهي ۽ هي اسانجي سج کان ڏيڍ سيڪڙو وڌيڪ وزني آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. سپر نووا سائنس جي دنيا بلاگ پوسٽ